22 آچر , جولاءِ 2018

نيوز: ڏھرڪي: علي گوهر مهر ٽڪيٽن جو فيصلو ڪرڻ لاءِ اتحادين کي گهرائي ورت

dehraki: Ali Gohar mehar  meets the unions to decideڏھرڪي جي قومي ۽ صوبائي تڪن تي علي گوهر خان مهر ٽڪيٽن جو قطعي فيصلو ڪرڻ لاءِ اتحادين جو ڪٺ گهرائي ورتو.

لغاري هائوس تي ڪوٺايل اجلاس ۾ نادر اڪمل خان لغاري،  ميان مٺو ۽ پير عبدالخالق سميت اتحادين ۽ ٻين ماڻهن شرڪت ڪئي.

اجلاس بعد ٽڪيٽن جو اعلان ڪيو ويو، جنهن دوران ٻڌايو ته جي ڊي اي پليٽ فارم تان اين اي 2 سئو 4 تي ميان مٺو، ۽ پي ايس 19 تي هو پاڻ چونڊ وڙهندو.

پي ايس 18 تي جي ڊي اي ۽ مهر گروپ پي ٽي آءِ جي اميدوار شهريار خان شر جي حمايت ڪندا، جڏهن ته ميان مٺو سان پ پ جو خالد لنڊ ۽ صوبائي تڪ تي علي گوهر مهر ,پ پ جي باري پتافي سان مهاڏو اٽڪائيندو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي سردار علي گوهر چيو ته ان پارٽي ۾ رهڻ جو ڪهڙو فائدو جتي عوام جو رس چوسيو وڃي.

 هن چيو ته جتي فريال ٽالپر جا حڪم هلندا هجن، هو ان پارٽي ۾ رهي نه ٿا سگهن…………

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز:ڏهرڪي: چونڊن ۾ ڪامياب ٿي عوام جا مسئلا حل ڪرائيندس: علي گوهر مهر

 سنڌ اسيمبلي  جي تڪ پي ايس 19 جي اميدوار علي گوهر مهر چيو ته هو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے