24 سومر , سيپٽمبر 2018

نيوز: سکر: چيف جسٽس پاران سول اسپتال جو دورو، شاگردن پاران احتجاج

Sukkur: Visits of civil hospital by Chief Justice, protest by student سکر ۾ چيف جسٽس جي دوري دوران ميڊيڪل جي شاگردن پاران رجسٽريشن نه ملڻ ۽ سنڌ ريزروَ پوليس جي اهڪارن جون پگهارون نه ملڻ تي پاڪ ڪتاب کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

چيف جسٽس ثاقب نثار سول اسپتال جي دوري تي آيو ته ايم سي ڪاليج جي ٻه سئو کان وڌيڪ شاگردن ۽ شاگردياڻين احتجاج ڪيو.

احتجاج بعد چيف جسٽس ثاقب نثار شاگردن ۽ شاگردياڻين سميت ريزرو پوليس اهلڪارن کي انصاف جي خاطري ڪرائي.

چيف جسٽس سول اسپتال جي مختلف وارڊن ۽ آپريشن ٿيٽر جو معائنو ڪيو، جتي صفائي سٿرائي وارو ماحول خراب هجڻ سبب کيس ٻين وارڊن جو معائنو نه ڪرايو ويو.

دوري دوران چيف جسٽس مريض کان پاڻي وٺي چيڪ ڪرائڻ جون هدايتون ڏنيون،.

هوڏانهن انفارميشن کاتي ۾ جعلي ڀرتين خلاف اميدوارن چيف جسٽس آڏو احتجاج ڪيو، جنهن بعد چيف جسٽس احتجاج ڪندڙ اميدوارن کي انصاف فراهم ڪرڻ جو يقين ڏياريو………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

Adilpur

نيوز | عادلپور:  اسڪول جي راندين جي ميدان تي بااثرن جي قبضي خلاف احتجاج

عادلپور ۾  اسڪول جي راندين جي ميدان  تي بااثرن جي مبينا قبضي خلاف احتجاج ڪيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے