22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

اُم رباب سان ملاقات ٿي آهي ان کي انصاف ڏياريو ويندو: چيف جسٽس

سکر ( ويب ڊيسڪ)سکر جي هاءِ ڪورٽ جي بارکي خطاب ڪندي  چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته ڪو به نه سمجهي مان ڪنهن کي نشانو بڻايان پيو. هن چيو ته سو موٽو ايڪشن بنيادي مسئلن جي حل لاءِ  آهي . چيف جسٽس چيو ته اسپتالن ۾ سهولتن جي کوٽ جي شڪايت ملي ته آرٽيڪل 184 تحت مداخلت ڪري پئي . چيف جسٽس چيو ته  ٽن يا چئن مهنين ۾ مسلم هاني جي قدمن جا نتيجا سامهون اچي  ويندا. هن چيو ته  جيترا به سو موٽو ورتا آهن اهي عوام جي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ آهن .چيف جسٽس ميان ثاقب نثار چيو ته    ملڪ ۾ پاڻي جا ڪيترائي مسئلا آهن . سندس چوڻ هو ته منڇر ڍنڍ جي درپيش مسئلا حل ٿي ويا آهن . هن چيو ته هو غير جانبدار ماڻهو آهن ان ڪري آراو تي ڳالهه نه ڪرن گهرجي . هن چيو ته  جلد انصاف جي ذميواري جج جو ڪم ناهي پر بار جي ذميواري به آهي. هن چيو ته اسان جو هڪ سيڪٽر لا ريفارمز تي ڪم ڪري رهيو آهي . چيف جسٽس چيو ته اسان عوام جا مسئلا حل ڪرڻ چاهيون ٿا . چيف جسٽس چيو ته ام رباب سان ملاقات ٿي آهي ، دهشتگردي ٽوڙ عدالت کي حڪم ڏنو آهي ته ڪيس جو ٻن مهينن اندر فيصلو ڪري ، ام رباب مونکي ڌي وانگر آهي . چيف جسٽس چيو ته تعلي م سبب ٻين ملڪن ترقي ڪئي آهي . سندس چوڻ هو ته رٽرننگ آفيسر مان شڪايت هجي ته اسن کي ٻڌايو وڃي . ان کان اڳ چيف جسٽس سول اسپتال سکر جو دورو ڪيو جتي آپريشن ٿيٽر ۾ مٽي ڏسي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو .

هي به ڏسي سگهو ٿا

عالمي اسلامي يونيورسٽيءَ اسلام آباد ۾ عورت عملي کي هيسائڻ جو انڪشاف

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) عالمي اسلامي يونيورسٽيءَ ۾ اعليٰ انتظامي آفيسرن طرفان عورت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے