18 اربع , جولاءِ 2018

روسي ناريون فٽبال ورلڊ ڪپ لاءِ آيل تيونسي نوجوانن جي عشق ۾ انڌيون ٿي ويون: تيونسي سفير جي دعويٰ

ماسڪو(ويب ڊيسڪ) روس ۾ مقرر تيونس جي سفير محمد علي الشيحي دعويٰ ڪئي آهي ته روسي ناريون فٽ بال ورلڊ ڪپ جي لاءِ آيل تيونسي نوجوانن سان شادي جون خواهشمند آهن. پرڏيهي خابرو اداري موجب تيونسي سفير موزمبيڪ ايف ايم ريڊيو سان ڳالهائيندي چيو ته روسي نارين جو وڏو انگ ماسڪو ۾ اسان جي سفارتخاني سان رابطا ڪري شادي جي حوالي سان انهن 7 شرطن جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي آهي جنهن جي تحت ڪنهن به تيونسي نوجوان سان شادي ڪري سگهجي ٿي. هن ٻڌايو ته روس ۾ جاري 2018ع فٽ بال ورلڊ ڪپ ڏسڻ جي لاءِ تيونس مان وڏي انگ ۾ نوجوان تماشائي آيا آهن جيڪي مقامي عورتن جي ڌيان جو خاص  مرڪز بڻيل آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ محمد الشيحي جو چوڻ هو ته تيونسي شهري مهذب ۽ قانون جا پابند آهن جيڪي ورلڊ ڪپ  دوران ڪنهن قسم جي پريشاني جو سبب نه بڻيا. انهن جي ورلڊ ڪپ ۾ موجودگي گهڻي خوبصورت آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Shiky Russian agent arrested in the United States

آمريڪا ۾ شڪي روسي ايجنٽ عورت گرفتار

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۾ هڪ روسي عورت کي جاسوسي جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے