22 آچر , جولاءِ 2018

فٽبال ورلڊ ڪپ 2018: برازيل اهم ميچ ۾ ڪوسٽاريڪا کي 0-2 تان هارائي ڇڏيو

سينٽ پيٽرز برگ (اسپورٽس نيوز) فٽبال ورلڊ ڪپ جي اڄوڪي ميچ ۾ برازيل ڪوسٽاريڪا کي سينٽ پيٽرز برگ جي اسٽيڊيم ۾ 2 جي ڀيٽ ۾ 0 تان هارائي ڇڏيو. برازيل طرفان فليپي ڪوئنٽنو ۽ نيمار بهترين راند جو مظاهرو ڪيو جڏهن ته ميچ دوران پينالٽي ڊسيجن کي (وي اي آر) ٽيڪنالاجي کي تبديل ڪري ڇڏيو. ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ميچ آخري 10 منٽن تائين ٻڙي ٻڙي تان برابر رهيو پر برازيل کي 80هين منٽ ۾ اسپاٽ ڪڪ ملي جنهن جو ميمار ڀرپور فائدو وٺندي گول اسڪور ڪري پنهنجي ٽيم کي هڪ گول جي برتري ڏياري. ميچ ۾ مجموعي طور تي برازيل حاوي رهيو پر ڪوسٽاريڪا هن کي مقرر 90 منٽن تائين گول ڪرڻ کان آجو رکيو پر پڄاڻي وارن لمحن ۾ پهرين ڪوٽنهو ۽ پوءِ نيمار جي گولن جي ڪري برازيل برتري حاصل ڪري ورتي جيڪا ميچ جي پڄاڻي تائين برقرار رهي. هوڏانهن فرانس پيرو ۽ ڪروشيا ارجنٽائن کي بدترين شڪست ڏئي ٻئي رائونڊ جي لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو جڏهن ته ڊنمارڪ ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ ميچ برابر رهيو. خميس تي کيڏيل گروپ سي جي پهرين ميچ جو آغاز تيزي سان ٿيو ۽ ميچ جي 7ئين منٽ ۾ ڪرسچن ۽ ايرڪسن گول ڪري ڊنمارڪ کي آسٽريليا جي خلاف برتري ڏياري ڇڏي. پهرين ميچ ۾ فرانس هٿان شڪست کاڌل آسٽريليا جي ٽيم ان کان پوءِ ميچ برابر ڪرڻ جون ڪوششون شروع ڪيون، کيس گول ڪرڻ جو موقعو ان وقت مليو جڏهن گول کان ڪجهه انچن جي فاصلي تي ڊنمارڪ دفاعي رانديگر جي هينڊ بال جي سبب فائول ٿيڻ سبب امپائر پينالٽي اوارڊ ڪري ڇڏي. ميچ جي 37هين منٽ ۾ مليل ان پينالٽي تي جيڊينيڪ گول ڪرڻ ۾ ڪا به غلطي نه ڪئي ۽ مقابلو برابر ڪري ڇڏيو. اڌ جي پڄاڻي تائين ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ مقابلو 1-1 گول سان برابر رهيو ۽ ٻئين هاف ۾ انتهائي ڪوشش جي باوجود ڪو به گول اسڪور نه ڪري سگهي جنهن جي ڪري مقابلو 1-1 تي پڄاڻي تي پهتو. اها ميچ ڊرا ٿيڻ کان پوءِ آسٽريليا  جي اڳئين رائونڊ تائين وهچ جي اميدن کي ڌڪ رسيو پر هو هاڻ به پري ڪوارٽر فائنل مرحلي ۾ پهچي سگهن ٿا. پهرين ميچ ۾ 2-1 تان شڪست کاڌل آسٽريلين ٽيم جو هن وقت رڳو هڪ پوائنٽ آهي جڏهن ڊنمارڪ پهرين ئي ايندڙ رائونڊ ۾ پهچڻ جون اميدون روشن ڪري ورتيون. هاڻ آسٽريليا کي اڳئين رائونڊ ۾ پهچ جي لاءِ پيرو جي خلاف فتح سان گڏوگڏ ڊنمارڪ جي فرانس جي هٿان شڪست جو به انتظار ڪرڻو پوندو.  ساڳئي ڏينهن جي ٽئين ميچ ۾ ڪروشيا ۽ ارجنٽائن جي ٽيم کي آئوٽ ڪلاس ڪندي 3-0 تان شڪست ڏئي پوائنٽس ٽيبل تي پهرين پوزيشن سنڀالي رکي. نزني نووگوروڊ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڪروشيا شروعات ۾ عمده راند پيش ڪئي جڏهن ته ارجنٽائن جي ٽيم شروع کان ئي سست نظر آئي جنهن جو حريفن ڀرپور فائدو کنيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Rangers in different cities, 7 suspects arrested, weapons hand

رينجرز جون مختلف شهرن ۾ ڪاروائيون، 7 جوابدار گرفتار، هٿيار هٿ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) رينجرز طرفان صوبي جي مختلف شهرن ۾ ڪاروائيون ڪيون ويون جنهن جي نتيجي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے