18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نيوزيلينڊ جي وزيراعظم بينظير ڀٽو کانپوءِ ماءُ بڻجندڙ ٻي وزيراعظم بڻجي وئي

آڪلينڊ( ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ  جي ويزاعظم جيسنڊا آرڊن جي هان ننڍڙي پري جي پيدائش ٿي آهي . جيسنڊرا  سوشل ميڊيا تي ٻارڙي جي پيدائش جو اعلان ڪندي  نئين ڄاول ڌي ۽ مڙس ڪلارڪ  گفورڊ سان گڏ هڪ يادگاري تصويري  شيئر   ڪئي ۽  ماءُ بڻجڻ  تي خوشي جو اظهار  ڪندي انهن سڀني جو شڪريو ادا ڪيو  جن نيڪ خواهشن  جو اظهار  ڪيو هو . نيوزيلينڊ  جي وزيراعظم  دنيا جي ٻي عاليم شخصيت   آهي جنهن وزارت عظميٰ  جي عهدي  تي هوندي  ٻارڙِي کي جنم ڏنو آهي . ان کان اڳ  1990 ۾  پاڪستان  جي اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو  وزرات عظميٰ  جي عهدي تي رهندي   بختاور ڀٽو کي  جنم ڏنو  هو . ياد رهي ته هلندڙ سال جيسنڊا آرڊن ٻارڙي  کي جنم ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو  هو ته هو اميد سان آهي . جيسنڊا آرڊرن  ٻارڙي جي ولادت  جي سلسلي ۾  6 هفتن تائين پنهنجن ذميوارين کان موڪل ورتي آهي ….

هي به ڏسي سگهو ٿا

مفتاح اسماعيل ضمني بجيٽ کي ”آءِ ايم ايف بجيٽ“ قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل وفاقي حڪومت جي ضمني بجيٽ کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے