20 خميس , سيپٽمبر 2018

زعيم قادري جي بغاوت: شهباز شريف جي صدارت هيٺ پارٽي جو اهم اجلاس

Zameed Qadri's Rebellion: The party's key meeting under Shahbaz Sharif's presidencyلاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي طرفان زعيم قادري جي تڪ تان اياز صادق کي ٽڪيٽ ڏيڻ جو امڪان آهي. مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف جي صدارت هيٺ پارٽي جو اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ حمزا شهباز سميت لاهور جا ٻيا اڳواڻ شريڪ ٿيا. اجلاس دوران لاهور ۾ پارٽي ٽڪيٽن جي ورهاست ۽ زعيم قادري وارو معاملو  پڻ بحث هيٺ آندو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته زعيم قادري جي تڪ اين اي 133 تان اياز صادق کي ٽڪيٽ ڏيڻ جو امڪان آهن جڏهن ته پرويز ملڪ اين اي 125 تان چونڊ وڙهن جي شرط لاڳو ڪئي آهي. جنهن سبب اڳوڻي صوبائي وزير بلال ياسين کي ان تڪ تان ٽڪيٽ نه ڏيڻ جا امڪان آهن. اڳوڻي صوبائي وزير بلال ياسين چيو آهي ته لنڊن وڃڻ کان اڳ نواز شريف ۽ مريم نواز سان  تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي هئي مريم نواز جي لنڊن وڃڻ کان اڳ اين اي 125 تان چونڊ وڙهڻ جو فيصلو ٿيو هو پر هاڻ قومي نه پر صوبائي سيٽ لاءِ اميدوار آهيان. ذريعن موجب ڪلثوم نواز جي تڪ اين 125 تان ملڪ پرويز کي ٽڪيٽ ڏيڻ تي غور ڪيو پيو وڃي ۽ ان صورت ۾ مريم نواز اين اي 127 واري تڪ تان چونڊن ۾ حصو وٺندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته مسلم ليگ ن اين اي 129 ۾ پي ٽي آءِ اميدوار عليم خان جي مقابلي ۾ سهيل شوڪت بٽ کي لاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هوڏانهن مسلم ليگ ن جو صدر شهباز شريف لنڊن کان لاهور واپس پهتو جتي ميڊيا جي نمائيندن کائنس زعيم قادري بابت سوال ڪيا جنهن تي هو جواب ڏيڻ بنا ئي روانو ٿي ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Karachi: For the first time the existence of ISIL has been admitted: Abdul Khaliq Ali

امامِ عالي مقام جي ڏسيل واٽ تي هلڻ جي ضرورت آهي: آصف زرداري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته حضرت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے