20 خميس , سيپٽمبر 2018

اداڪارا مهوش حيات بينظير ڀٽو جو ڪردار ادا ڪندي

mehwish hayat will play the role of Hayat Benazir Bhuttoلاهور(شوبز نيوز) پاڪستاني ڊرامن ۽ فلمن کان شهرت حاصل ڪندڙ مشهور اداڪارا مهوش حيات اڳوڻي وزير اعظم بينظير ڀٽو شهيد جي حياتي تي ٺهندڙ  فلم ۾ مرڪزي ڪرادار ادا ڪندي.  گذريل ڏينهن بينظير ڀٽو جي سالگرهه جي موقعي تي انسٽاگرام تي هڪ تصوير شيئر ڪندي مهوش حيات اها تصديق ڪئي آهي هو جلد ئي بينظير ڀٽو جي ڪردار ۾ جوهر ڏيکاريندي نظر ايندي. تصوير ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته مهوش حيات، بينظير ڀٽو شهيد  جي آتم ڪٿا پڙهي رهي آهي. اداڪارا تصوير سان گڏ لکيو ته اڄ محترما بينظير ڀٽو جي 65 هين سالگرهه آهي، هي اها عورت آهي جنهن پاڪستان جي عورتن کي بااختيار بڻايو، کين پنهنجا حق ڏيارا ۽ معاشري ۾ برابري کي هٿي ڏياري. مهوش حيات وڌيڪ لکيو ته هڪ وقت هو جڏهن بينظير ڀٽو عورتن جي اندر اهو احساس جاڳايو ته  هو ڪجهه به ڪري سگهن ٿيو، هن اميد ڏياري ته عورتون به ستارن تائين پهچي سگهن ٿيون. مهوش حيات موجب هو تمام گهڻي ٿورائتي آهي جو کيس اهو موقعو ڏنو ويو آهي جو هو بينظير جي زندگي جي هر پهلو کان واقف ٿي سگهي ۽ تصور ڪري سگهي ته سندس حياتي ۾ ڪهڙا لاها چاڙها آيا. ادڪارا وڌيڪ لکيو ته هو هڪ بهترين اڳواڻ ۽ هڪ مضبوط ۽ نفيس عورت هئي، جنهن هڪ مثال قائم ڪئي ۽ هو سندس ڪهاڻي ۾ جلد ساهه ڦوڪيندي. ياد رهي ته هلندڙ سال جي شروعات ۾ اداڪارا فلمن ۽ فيشن جي حوالي سان مشهور ويب سائٽ انسٽاگرام پيج تي پوسٽ ڪيل پنهنجي تصوير پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي شيئر ڪئي هئي، جنهن ۾ کيس ۽ اڳوڻي وزيراعظم سان گڏ ڏيکاريندي ان خواهش جو اظهار ڪيو هو ته مهوش حيات، بينظير ڀٽو جي حياتي تي ٺهندڙ فلم ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪري. جنهن مهوش حيات تصوير جي ڪيپشن ۾ لکيو هو ته بينظير ڀٽو جو ڪردار ادا ڪرڻ سندس لاءِ وڏو اعزاز هوندو، سندس شخصيت پوري دنيا لاءِ متاثر ڪندڙ آهي، هو منهنجي هيرو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The film debates on the film 'thugs of hindostan' at the beginning of the role of Amitabh Bachchan

فلم ٺگز آف هندوستان ۾اميتاڀ بچن جي ڪردار جي پهرين جهلڪ جاري

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ جي ايندڙ وڏي بجيٽ واري فلم” ٺگز آف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے