20 خميس , سيپٽمبر 2018

عمران خان ميانوالي مان نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ خلاف اپيل داخل ڪري ڇڏي

Reserve the decision on the Imran Khan nomination form on the given objectionsلاهور ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان ميانوالي مان نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ خلاف اپيل داخل ڪري ڇڏي. عمران خان عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ اسلام آباد جي اين اي 53 ۽ ميانوالي جي اين اي 95 تان به نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا هئا. رٽرننگ آفيسرن ٻنهي تڪن تان نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا جنهن تي عمران خان اين اي 53 تان اپيل داخل ڪئي. عمران خان اين اي 95 تان به نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ خلاف اپيلٽ ٽربيونل ۾ اپيل داخل ڪري ڇڏي آهي. عمران خان جي اپيل ۾ چيو ويو آهي ته وقت تي بيان حلفي جمع ڪرڻ جي الزام تي نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا، رٽرننگ آفيسر حقيقتن جي ابتڙ نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا آهن تنهن ڪري عدالت آر او جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اهو تاثر درست ناهي ته ججن دٻاءَ ۾ فيصلو ٻڌايو: اعتزاز احسن

لاهور (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي سينيئر قانونداد اعتزاز احسن چيو آهي اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے