20 خميس , سيپٽمبر 2018

اداڪارا ڪاجول جي شاپنگ مال ۾ ڪِرڻَ واري ويڊيو وائرل

Video Viral in Perkara Jabal Shopping Shopping Mallممبئي(شوبز نيوز) باليووڊ اداڪارا ڪاجول ديوگن شاپنگ مال ۾ هلندي هلندي اچتو ٿيڙ کائي ڪري پئي ۽ سندس ڪرڻ واري ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي اداڪارائون  ۽ ماڊلن جون ريمپ تي واڪ دوران هائي هيل پائي هلڻ دوران ڪرڻ وارن واقعن جون ويڊيوز اڪثر منظرعام اينديون رهنديون آهن ۽ سوشل ميديا تي تمام گهڻو وائرل ٿينديون آهن. مداح پڻ اهڙين وڊيوز کي ڏسي تمام گهڻو محفوظ ٿيندا آهن. ڀارتي اداڪارا ڪشميرا شاهه سلمان خان جي ڀيڻ ارپيتا خان سميت ڪيتريون ادڪارائون يا ته ريمپ تي واڪ ڪرڻ دوران يا وري وڏي کُڙيءَ وارا سينڊل پائڻ سبب ڪري چڪيون آهن، جن جو سوشل ميڊيا ته ڪافي مذاق بڻايو ويو آهي، هاڻ ادڪارا ڪاجول پڻ اهڙي ئي فهرست ۾ شامل ٿي وئي آهي. سوشل ميڊيا تي  هڪ ويڊيو وائرل ٿي رهي آهي ته جنهن ۾ ادڪارا ڪاجول هلندي هلندي اچتو ڪري پئي،  اها ويڊيو اصل ۾ شاپنگ مال جي آهي جتي ڪاجول ڪنهن ايونٽ ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ آيل هئي، ڪاجول سان اهڙو واقعو اچتو پيش آيو ساڻس گڏ هلندڙ سيڪيورٽي گارڊ پڻ کيس ڪرڻ کان نه بچائي سگهيا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The film debates on the film 'thugs of hindostan' at the beginning of the role of Amitabh Bachchan

فلم ٺگز آف هندوستان ۾اميتاڀ بچن جي ڪردار جي پهرين جهلڪ جاري

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ جي ايندڙ وڏي بجيٽ واري فلم” ٺگز آف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے