20 خميس , سيپٽمبر 2018

نگران حڪومت مڪمل طور اڻڌري آهي: حسن عسڪري

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي وڏي وزير ڊاڪٽر حسن عسڪري چيو آهي ته نگران حڪومت مڪمل طور غير جانبدار آهي،اسان جي ڪابه سياسي ايجنڊا نه آهي ۽ نه وري اڳتي ٿيندي. لاهور ۾ سرڪاري آفيسرن سان کاتيوار معاملن ۽ انتظامي معاملن تي ڳالهائيندي ڊاڪٽر حسن عسڪري چيو ته مڪمل طور تي اڻڌريو رهي شفاف ۽ منصفاڻي نموني عام چونڊن کي يقيني بڻايو ويندو.  هن چيو ته اسان جي ڪارڪردگي پاڻ غير جانبداري جي شاهدي ڏيندي. سندس چوڻ هو ته صنعت، واپار ۽ سيڙپڪاري سان بيروزگاري، بک ۽ بدحالي جا مسئلا حل ڪري سگهجن ٿا، اهي سمورا شعبا قومي نئين سر اڏاوت ۾ اهم ڪردار رکن ٿا. حسن عسڪري چيو ته ماحولياتي قائدن ۽ ضابطن تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي، قانون موجود آهي، انهن تي عملدرآمد ڪرائڻ لاڳاپيل کاتن ۽ انتظاميه جي ذميواري آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم جي خط تي ڀارت جي جواب جا منتظر آهيون: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے