19 اربع , سيپٽمبر 2018

سنجي دت جي زندگي جا 4 تڪراري واقعا فلم”سنجو“ ۾ شامل ناهن

There are four controversy of Sanjay Dutt's life in the "Sanja" movieممبئي(شوبز نيوز) مشهور باليووڊ ادڪار سنجي دت جي زندگي ڪنهن فلم کان گهٽ ناهي اهو ئي سبب آهي جو انڊسٽري جي مشهور هدايتڪار راجڪمار هيراڻي سندس حياتي تي فلم ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو،  پر اڃان به سنجي دت جي زندگي جا ڪيترائي مختلف پاسا ۽ واقعا  آهن جن کي فلم ۾ شامل ناهي ڪيو ويو. ادڪار سنجي دت جي حياتي  منشيات جي استعمال ، هٿيارين جي اسمگلنگ سميت ڪيترن ئي تڪرارن سان ڀري پئي آهي، جڏهن ته سندس باليووڊ جي ڪيترن ئي اداڪارائون سان پڻ لاڳاپا رهيا، پر فلم ۾ سنجي دت جي حياتي جي رڳو ٻن پاسن کي فلمبند ڪيو ويو آهي. فلم ۾ اهي واقعا فلمايا ويا آهن جيڪي ڏينهن هن جيل ۾ گذاريا ۽ ڪيئن منشيات جو استعمال ڪيو، جڏهن ته سنجي دت جي زندگي جي کوڙ پاسن کي فلم ۾ شامل ئي ناهي ڪيو ويو . فلم جي هدايتڪار راج ڪمار هيراڻي هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته سنجي جي حياتي تي فلم ٺاهڻ جو فيصلو انڪري ڪيو آهي ته جيئن سندس حوالي سان پکيڙيل غلط تاثر کي درست ڪري سگهون. جڏهن  پنجاهه ورهين کي ٻن اڍائي ڪلاڪن ۾ نٿو ڏيکاري سگهجي.اهو ئي سبب آهي جو هن جي حياتي جي مختلف پاسن کي فلم ۾ شامل ناهي ڪيو ويو .جواني جي دور ۾ سنجي دت جو ڪيترين ئي اداڪارائون سان لاڳاپا رهيا جن ۾ ادڪارا ٽينامينم به هڪ آهي، ٽينا مينم سان  سنجي دت جا لاڳاپا تقريب ٻن ورهين تائين قائم رهيا، سنجي ٽينا سان تمام گهڻي محبت ڪندو هو ، هڪ ڀيري هو ڀارتي فلمن جي ولين گلشن گرورر سان گڏجي رشي ڪپور کي مارڻ سندس گهر پهچي ويو هو ڇو جو رشي ڪپور پڻ ٽينا جي محبت  گرفتار ٿي ويو هو. سنجي دت جو ادڪارا ماڌوري ڊڪشت سان افئير ڪنهن کي به لڪل ناهي، پر هاڻ سنجي دت ان معاملي تي ناهي ڳالهائيندو،  ان حوالي سان چيو پيو ويو ته فلم”سنجو“ ۾ سونم ڪپور سنجي دت جي مبينا گرل فرينڊ ماڌوري دڪشت جو ڪردار نڀائيندي پر بعد ۾ اها خبر غلط ثابت ٿي. سنجي دت جي زندگي جو هڪ ٻيو تڪراري واقعو گهرو ملازمه تي فائرنگ ڪرڻ جو آهي، سنجي دت جڏهن ٻار هوته سندس والد سنيل دت جي لائسنس يافته  بندوق سندس هٿ چڙهي وئي،  هو ان سان هوا ۾ فائرنگ ڪرڻ لڳو  ۽ ان دوران هڪ گولي گهر ۾ ڪم ڪندڙ ملازمه کي لڳي وئي، پر بعد ۾ دت فيملي گهرو ملازمه جو علاج ڪرائي معاملي کي دٻائي ڇڏيو. فلمي ڪيريئر جي شروعات ۾ سنجي ڪافي خار باز هوندو هو اهو ئي سبب آهي جو سندس ساٿي اداڪارن سان لاڳاپا ٺيڪ نه هئا، اداڪار گوندا ۽ سلمان خان سان به سنجي پنهنجا رشتا خراب ڪيا، هڪ وقت هو جڏهن گووندا ۽ سنجي دت تمام سٺا دوست هوندا هئا پر بعد ۾ سندن رشتي ۾ ڏار پيجي ويا، جڏهن ته سلمان خان سان به سندس رشتو لاهن چاڙهن جو شڪار رهيو، ان واقعن کي به فلم شامل ناهي ڪيو ويو،  ياد رهي ته سنجي دت جي حياتي تي ٻڌل فلم” سنجو“ هلندڙ مهيني جي آخر ۾ ريليز ٿي رهي آهي، فلم ۾ رنبير ڪپور سنجي دت جو مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، جڏهن فلم جي ٻي ڪاسٽ ۾ منيشا ڪوئرالا، پاريش راول، سونم ڪپور ۽ ديا مرزا شامل آهن

هي به ڏسي سگهو ٿا

It has come to time that all the powers of the world should be given to women: Nawazuddin Siddiqui

وقت اچي ويو آهي ته دنيا جا سمورا اختيار عورتن حوالي ڪيا وڃن: نواز الدين صديقي

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ اداڪار نواز الدين صديقي چيو آهي ته دنيا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے