18 اربع , جولاءِ 2018

غير قانوني ڀرتين جي ڪيس ۾ اڳوڻو آءِ جي غلام حيدر ذميوار قرار، رپورٽ نيب حوالي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ پوليس ۾ غير قانوني ڀرتين بابت انڪوائري رپورٽ ۾ اڳوڻي آءِ جي غلام حيدر جمالي سميت 70 اعليٰ آفيسرن کي ذميوار قرار ڏئي رپورٽ نيب کي موڪلي وئي آهي.  سنڌ پوليس ۾ سال 2012ع کان 2015ع دوران غير قانوني ڀرتين بابت انڪوائري رپورٽ ايڊيشنل آءِ جي ثناءَ الله عباسي ۽ ڊي آءِ جي نعيم شيخ تيار ڪئي آهي. انڪوائري رپورٽ موجب 2012ع کان 2015ع دوران سنڌ پوليس ۾ 4748 غير قانوني ڀرتيون ڪيون ويون. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اڳوڻي آءِ جي غلام حيدر جمالي سميت کاتي جي 70 اعليٰ آفيسرن ۽ اهلڪارن کي ذميوار قرار ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ تنهن وقت جي 4 ڊي آءِ جي ۽ 25 ايس ايس پيز کي به شامل ڪيو ويو آهي. رپورٽ موجب ذميوارن ۾ ڊي ايس پي سميت 44 اعليٰ آفيسر جن ۾ 7 ايس ايس پي، 7 انسپيڪٽر، 2 سب انسپيڪٽر، 4 اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر، 26 جونيئر آفيسر، هڪ ڪانسٽيبل سميت 12 ڪلارڪ ۽ منسٽريل اسٽاف به شامل آهي. جاچ ڪميٽي ۾ وڌيڪ ڪارروائي رپورٽ چيف سيڪريٽري ۽ نيب کي موڪلي وئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The 100-year anniversary of Nelson Mandela's sign of racist struggle in South Africa

ڏکڻ آفريڪا ۾ نسل پرستي خلاف جدوجهد جي علامت نيلسن منڊيلا  جي 100 هين سالگرهه

جوهانسبرگ(ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريڪا ۾ نسل پرستي خلاف جدوجهد جي علامت نيلسن منڊيلا  جي 100 …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے