21 جمعو , سيپٽمبر 2018

نيوز: ڊکڻ: مديجي واسي تپيدار جو   پلاٽ تي قبضي خلاف ٻارن سان گڏجي احتجاج

Dakhan: Protest on capturing house by a man and his children*ڊکڻ ۾ مديجي واسي تپيدار پلاٽ تي قبضي خلاف پنهنجي ٻارن سان گڏجي احتجاج ڪيو .

 مصري جتوئي پلاٽ تي قبضي خلاف پنهنجي معصوم ٻارڙن مبين جتوئي،اويس احمد، امير علي، فراز، پارس جتوئي سان گڏجي احتجاج ڪيو .

ان موقعي تي مصري جتوئي ٻڌايو ته شڪارپور شهر ۾ سندس 8هزار فوٽ پلاٽ آهي،جنهن جو کاتو به  سندس نالي آهي.

 هن الزام هنيو ته سندس پلاٽ تي  بروهي برادري جي ماڻهن قبضو ڪيو آهي جڏهن ته دانهڻ تي کيس موتمار ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن.

هن ٻڌايو ته ٿاڻي تي داهڻ باوجود پوليس سندس ڪابه مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي

هن چيف جسٽس آف پاڪستان کان مطالبو ڪيو ته سندس پلاٽ تان قبضو ختم ڪرائڻ لاءِ حڪم جاري ڪيا وڃن

هي به ڏسي سگهو ٿا

FlagMarch, Jamshoro

نيوز | ڄامشورو: محرام الحرام ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ فليگ مارچ

ڄامشوري ۾ محرام الحرام ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ فليگ مارچ ڪيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے