22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

باڪسنگ ليگ شروع ٿيڻ کان اڳ تڪرارن جو شڪار، ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز لاتعلقي جو اعلان ڪري ڇڏيو

Bowling announces Quetta's hunting, Quetta Guillah Elements before the start of the boxingڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۾ شروع ٿيندڙ پهرين پروفيشنل باڪسنگ ليگ شروع ٿيڻ کان اڳ ئي تڪراري حيثيت اختيار ڪرڻ لڳي. پاڪستان باڪسنگ فيڊريشن جي طرفان مخالفت جو شڪار ٿيندڙ هن ليگ ۾ پي ايس ايل جي مشهور فرنچائز ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز به لاتعلقي جو اعلان ڪري ڇڏيوآهي.ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي ترجمان طرفان جاري ڪيل پريس رليز ۾ چيو ويو آهي ته اسان سپر باڪسنگ ليگ ۾ هڪ فرنچائز جي خيريداري لاءِ حق حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڳاليهون ڪري رهيا هئاسين، پر اهو معاملو ڪنهن معاهدي تائين نه پهچي سگهيو، پر ان باوجود اسان ايس بي ايل پاڪستان لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي اميد ڪيون ٿا ته پي ايس ايل جيان هي ايونٽ پڻ ڪاميابي جون منزلون طئي ڪندو. ياد رهي ته پاڪستان باڪسنگ فيڊريشن ڄاڻايل ليگ کان لاتعلقي جو اظهار ڪيو آهي، فيڊريشن جي صدر ناصر اعجاز لنگ موجب ايگزيڪٽيو ڪميٽي جي اجلاس بعد گڏيل طور تي طئي ٿيو  آهي ته ليگ آئبا جي قانونن ۽ قومي فيڊريشن جي آئين موجب ناهي، انڪري فيڊريشن اهڙي ڪنهن به ايونٽ يا ليگ جو حصو نه بڻجندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪوهلي جي نه هجڻ سان ڀارتي ٽيم تي فرق ضرور پوندو: سرفراز احمد

دبئي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته ورات ڪوهلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے