22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

عاطف اسلم جي گيت تي عدنان صديقي جي بانسري وڄائڻ واري ويڊيو وائرل

Wireless Video Virus Removal of Adnan Siddique on the song of Atif Aslamلاهور(شوبز نيوز) پاڪستاني ڊرامن سان گڏوگڏ باليووڊ فلم”موم“ ۾پڻ شاندار اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندڙ مشهور اداڪار عدنان صديقي بانسري وڄائڻ ۾ به ماهر نڪتو، جنهن جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي. عدنان صديقي هن ڀيري عيدالفطر ملڪ کان ٻاهر ڪينيڊا جي شهر مسي ساگا ۾ ملهائي، جتي هن حلال فوڊ فيسٽيول ۾ شرڪت ڪئي. 17 جون تي هن پنهنجي مداحن لاءِ عيد جي تحفي طور انسٽاگرام تي هڪ ويڊيو شيئر ڪئي هئي، جنهن ۾ هو بانسري تي راڳي عاطف اسلم جي مشهور گيت دل دي گلان جي ڌن وڄائيندي نظر آيو. اها ويڊيو سوشل ميڊيا تي تيزي سان شيئر ٿيڻ بعد هاڻ وائرل ٿي وئي آهي ۽ هر پاسي عدنان صديقي جي بانسري جا چرچا آهن. عاطف اسلم جي آواز ۾ ڳايل گيت ”دل دي گلان“ باليووڊ سلطان سلمان خان ۽ ڪترينا ڪيف جي گذريل سال ريليز ٿيل فلم ”ٽائيگر زندا هي“ ۾ شامل  هو جنهن کي مداحن طرفان تمام گهڻو پسند ڪيو ويو هو. ياد رهي ته ڪينيڊا جي شهر مسي ساگا ۾ منعقد ٿيندڙ حلال فوڊ فيسٽيول ۾ عدنان صديقي سان گڏ عثمان خالد بٽ، حريم فاروق ۽ شهزار راءِ پڻ شرڪت ڪئي هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The film debates on the film 'thugs of hindostan' at the beginning of the role of Amitabh Bachchan

فلم ٺگز آف هندوستان ۾اميتاڀ بچن جي ڪردار جي پهرين جهلڪ جاري

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ جي ايندڙ وڏي بجيٽ واري فلم” ٺگز آف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے