22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

نيوز: بيوروڪريسي جي بدلي ۽ مقرري سان فرق نه پوندو: مظفر عيساڻي

The change in the bureaucracy and the rules will not differ: Muzaffar essaniجي ڊي اي اميدوار مظفر عيساڻي چيو آهي ته بيوروڪريسي جي هڪ ضلعي کان ٻي ضلعي ۾ بدلي ۽ مقرري سان ڪو خاص فرق نه پوندو،آءِ جي ۽ چيف سيڪريٽري وانگر ڪامورا به ٻين صوبن جا مقرر ڪرڻ گهرجن ها.

ڊکڻ ڀرسان مختلف برادرين جي چڱن مڙسن جي مان ۾ ڪوٺايل ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب ڪندي مظفر عيساڻي چيو ته جي ڊي اي سنڌ ۾ حڪومت ٺاهيندي،ووٽ وڪروٿيڻ جي شئي ناهي.

هن چيو ته ڊڄڻ جي ڪا ڳالهه ناهي،فوج پولنگ اسٽيشنن جي اندر ۽ ٻاهر مقرر هوندي،ڪرپشن سبب ننڍڙن آفيسرن جي گهرن مان ڪروڙين روپيه نڪري رهيا آهن،غريبن جي چوري ڪري وڏا اثااثا ٺاهيا ويا آهن.

هڪ سوال جي جواب ۾هن  چيو ته اميد آهي ته مقرر وقت تي شفاف چونڊون ٿينديون، غوث بخش مهر موسم گرم هجڻ سبب چونڊون نومبر يا ڊسمبر ۾ ڪرائڻ جي ڳالهه ڪئي هوندي.

ان موقعي تي آبادگار اڳواڻ ارسلان سيلرو،شڪيل خان ڊکڻ،ڊاڪٽر خليل سيال ۽ مير خان سومرو سميت ٻيا موجود هئا…………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | چمبڙ: عاشوري جي موقعي تي ماتمي جلوس ڪڍيو ويو

چمبڙ ۾  عاشوري جي موقعي تي مرڪزي ماتمي جلوس ڪڍي ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے