21 جمعو , سيپٽمبر 2018

جي ڊي اي ۽ ق ليگ ۾ چونڊ اتحاد، شفاف چونڊون نظر نه ٿيون اچن: پيرپاڳارو

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ) گرينڊيموڪريٽڪ  الائنس  ۽ مسلم ليگ ق  ايندڙ  عام چونڊون گڏجي وڙهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو . پير پاڳارا  چيو ته شفاف چونڊن لاءِ سنڌ جا سمورا  آفيسر  ٻين صوبن ڏانهن موڪليا وڃن. چوڌري شجاعت چيو ته عام چونڊون شفاف نه ٿيون ته ملڪ ۾ ڏڦيڙ پکڙجي ويندو. اسلام آباد ۾ گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس  جي سربراهه  پير پاڳارا  چوڌري ڀائرن سان ملاقات ڪئي ۽ عام چونڊون گڏجي وڙهڻ جو اعلان ڪيو . پير پاڳارا  اليڪشن ڪميشن  ۽ نگران حڪومت  تي عدم اعتماد  جو اظهار ڪيو  ۽ سمورن سرڪاري آفيسرن  جي ٻين صوبن ۾ بدلين  جو به مطالبو ڪيو  . ان مقوعي تي ق ليگ جي سربراهه  چوڌري شجاعت   خبردار ڪيو ته  جيڪڏهن چونڊون  شفاف  نه ٿيون ته  ملڪ ڏڦيڙ جو شڪار  ٿي ويندو . ٻنهي اڳواڻن ان عزم جو اظهار ڪيو ته  اقتدار  ۾ اچي پاڪستان  جي عوام کي غربت  مان ڇوٽڪارو ڏيارينداسين .

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے