18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

ڪمانڊو ڪڏهن به ملڪ واپس نه ايندو: آصف علي زرداري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته پرويز مشرف جو پاڪستان اچڻ جو ڪو به ارادو ناهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. زرداري چيو ته اسان کي سيڪيورٽي نه ڏيڻ واري ڪمانڊو کي اڄ خطرو محسوس ٿي رهيو آهي.  آصف زرداري جو چوڻ هو ته ڪمانڊو ملڪ واپس نه ايندو، پرويز مشرف چوندو آهي ته سياست ڪندس پر هو ملڪ به نه ايندو، ملڪ اچڻ کان سواءِ سياست ڪيئن ڪندو. هن چيو ته جڏهن به ملڪ ۾ ڪو آمر آيو هن جمهوريت کي نقصان رسائڻ جي ڪوشش ڪئي. آمر ضياءُ الحق به سمجهندو هو ته ذوالفقار علي ڀٽو کي قتل ڪري سندس آواز کي خاموش ڪري ڇڏيندس. هن وڌيڪ چيو ته پرويز مشرف قبوليو آهي ته هو پيسن سان لت پت آهي، هن وٽ اربين رپيا ڪٿان آيا، ان جو ڪو به جواب ناهي آيو. پرويز مشرف پنهنجي دولت جي باري ۾ ڪو به ثبوت ناهي ڏنو، هو چوندو آهي ته اربين رپيا ڪنگ عبدالله ڏنا، پر ان جو ثبوت ڪاٿي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مفتاح اسماعيل ضمني بجيٽ کي ”آءِ ايم ايف بجيٽ“ قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل وفاقي حڪومت جي ضمني بجيٽ کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے