18 اربع , جولاءِ 2018

آرمي چيف سان ڪو به رابطو ناهي ، منهنجي واپسي سان فوج تي دٻاءُ ۾ اضافو ٿيندو: پرويز مشرف

دبئي ( ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر  پرويز مشرف  چيو ته آرمي چيف سان ڪو به رابطو ناهي ، منهنجي واپسي  سان فوج تي دٻاءُ  ۾ اضافو ٿيندو . هن چيو ته نواز شريف ڪشمير  نظرانداز ڪرڻ لاءِ  تيار ، زرداري سنڌ ۾ زمينون کسيندو رهيو آهي .  مونکي اي سي ايل ۾ وجهي رکيو ويو آهي ، جڏهن ته  نواز شريف  کي دنيا ۾ گهمڻ  جي کليل آزادي آهي .  عمران خان ۽ تحريڪ انصاف  ملڪ لاءِ بهتر ثابت ٿيندو . جڏهن ته نوا زشريف آزمايل آهي . نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ انٽرويو ڏيندي پرويز مشرف چيو ته  هن چڪ شهزاد  جي ملڪيت  غلاب نشتر کان خريدي هئي ، جڏهن ته  هن تي الزام لڳائيندڙن ڪو به الزام ثابت ناهي ڪيو  . مان ڪنهن کي غيرقانوني طريقي سان  ڪو به پلاٽ  ناهي ڏنو  ۽ ڪڏهن به قانون  جي ڀڃڪڙي ناهي ڪئي  ۽ منهنجي نواز شريف سان ڪا ڀيٽ نه ڪئي وڃي .هن چيو ته مونکي پاڪستان اچڻ جي اجازت ملڻ گهرجي پر مان محسوس ڪيو ته منهنجو وڃڻ مناسب ناهي

هي به ڏسي سگهو ٿا

بلاول کي مسئلن جي ڪهڙي خبر، زرداري به جلد اڊيالا ويندو: عمران خان

جيڪب آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته آصف زرداري ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے