18 اربع , جولاءِ 2018

زلفي بخاري جي معاملي تي نگران گهرو وزير جي جواب مان مطمئن ناهيان: رحمان ملڪ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي گهرو وزير رحمان ملڪ چيو آهي ته زلفي بخاري جو نالو بليڪ لسٽ مان ڪڍڻ جي حوالي سان گهرو جي جواب مطمئن ناهيان. زلفي بخاري کي نه ٻڌايو ويو ته سندس نالو بليڪ لسٽ ۾ آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي رحمان ملڪ چيو ته جڏهن زلفي بخاري جو معاملو ميڊيا ۾ آيو ته مون گهرو سيڪريٽري سان رابطو ڪيو ته ان حوالي سان ڪهڙي معلومات آهي؟ هن چيو ته ڪنهن به شخص جو نالو رڳو ڪابينا ئي بليڪ لسٽ ۾ وجهي سگهي ٿي ۽ ايمرجنسي جي لاءِ ڪابينا جي سب ڪميونٽي فيصلو ڪندي آهي. مون ڪميٽي ۾ نگران گهرو وزير سان ان سڄي معاملي بابت پڇاڻو ڪيو ته هن ٻڌايو ته هن جو نالو بليڪ لسٽ ۾ هو اي سي ايل ۾ نه هو. جيڪڏهن اِهو بليڪ لسٽ به هيو ته ضروري هو ته زلفي بخاري کي ٻڌايو وڃي ها ته ان جو نالو بليڪ لسٽ ۾ آهي ۽ ڇو آهي؟ هن چيو ته آئون زلفي بخاري جو نالو بليڪ لسٽ مان ڪڍڻ جي حوالي سان نگران گهرو وزير جي جواب مان مطمئن ناهيان ان ڪري مون حقيقت ڄاڻن جي لاءِ هڪ مددگار مقرر ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان مون بليڪ لسٽ کي به چيلينج ڪري ڇڏيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Lyrics of Emperor Mahdi Hassan's 91th Anniversary, Posted by Google

غزل جي شهنشاهه مهدي حسن جي 91  هين سالگرهه، گوگل طرفان ڀيٽا پيش

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) عزل جي شهنشاهه مهدي حسن جو اڄ 91 هون جنم ڏهاڙو ملهايو پيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے