24 سومر , سيپٽمبر 2018

مريدن جي رت تي پلجندڙ سياسي مڇرن کي چونڊن ۾ شڪست ڏينداسين: بلاول ڀٽو زرداري

لاڙڪاڻو(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زردار سنڌ ۾ بڻيل سياسي اتحاد کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته مريدن جي رت تي پلجندڙ سياسي مڇرن کي چونڊن ۾ شڪست ڏينداسين. لاڙڪاڻي ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 65هين سالگرهه جي تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته بينظير جي شهادت به بي نظير هئي. هن چيو ته فتح اهم هوندي آهي پر اصول ان کان وڌيڪ اهم هوندا آهن، اسان نفرت جي نه پر اصولن ۽ عوام جي سياست ڪندا آهيون. هن چي ته تاريخ جو جبر آهي ته اڄ به اسان جو مقابلو ضياءُ الحق ۽ مشرف جي باقيات سان آهي، هڪ ادارن سان جنگ شروع ڪئي ته ٻئي گاريون ڏيڻ شروع ڪيون. پ پ چيئرمين سنڌ ۾ بڻيل سياسي اتحاد کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چي ته جاءِ جاءِ تي سياسي مڇرن جو لائينون لڳل آهن پر انهن سياسي مڇرن جي حملن کي ڪمزور ڪنداسين.  هن چيو ته سياسي مڇر پنهنجن مريدن جي رت تي پيا پلجن محسنن سان غداري ڪندا آهن، اهي سياسي مڇر چور دروازن مان اچڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. هن وڌيڪ چيو ته سياسي مڇر پهرين به ايندا رهيان ۽ شڪست کائيندا رهيا،  سنڌ جو عوام کين سڃاڻي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Sobho dero, Motorcycle Racing, Escape , Emperor

خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي جاچ شروع

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) قومي احتساب بيورو پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه خلاف آمدني …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے