22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

حمزه شهباز شريف به لکا پتي پر ذاتي گاڏي نه اٿس: دستاويز

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ حمزه شهباز جي نالي تي 155 ڪنال ايراضي آهي ۽ هن وٽ به ذاتي گاڏي ناهي. مسلم ليگ ن جي اڳواڻ حمزه شهباز شريف طرفان اليڪشن ڪميشن کي ڏنل اثاثن جي تفصيل ۾ ٻڌايو ويو آهي ته حمزه شهباز جو 43 لک 70 هزار 243 رپين جو بيڪ بيلنس آهي ۽ هو رمضان شگر ملز سميت 21 خانگي ملن ۾ شيئر هولڊر آهن پر انهن جي نالي تي ڪا به ذاتي گاڏي ناهي. نامزدگي وارن ڪاغذن ۾ ٻڌايل تفصيل موجب والد شهباز شريف جيان حمزه شهباز به ٻه شاديون ڪري رکيون آهن ۽ سندس هڪ گهرواري جو نالو رابعا شهباز جڏهن ته ٻئين جو نالو مهرالنسا آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهه محمود قريشي گڏيل قومن ۾ ڪشميرين جي حق لاءِ آواز اٿاري: مشعال ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے