21 جمعو , سيپٽمبر 2018

زعيم قادري جلد بازي ڪئي، معاملا حل ٿي پئي سگهيا: راڻا مشهود

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ راڻا مشهود جو چوڻ آهي ته سمورا معاملا گهر ويهي حل ٿي سگهن ٿا پر زعيم قادري جلد بازي ڪئي ۽ کيس انتهائي قدم کڻڻ جي ضرورت نه هئي. تفصيل موجب ميڊيا سان ڳالهائيندي پنجاب جي اڳوڻي تعليم واري وزير راڻا مشهود زعيم قادري جي پريس ڪانفرنس تي رد عمل ڏيندي چيو ته پارٽي جو حق هوندو آهي ته هو جنهن اميدوار کي جتي مناسب سمجهي اُتان اليڪشن ويڙهائي ۽ زعيم قداري جي صوبائي اسيمبلي جي ٽڪيٽ ۾ ڪو به ابهام ناهي پر هو اين اي جي سيٽ تي اليڪشن وڙهڻ جي خواهش رکندو هو. راڻا مشهود جو چوڻ هو ته ٽڪيٽن جي ورڇ حمزه شهباز ناهي پارليماني بورڊ ڪئي، سمجهه ۾ نٿو اچي ته هن حمزه کي ڇو ٽارگيٽ ڪيو جڏهن ته سمورا معاملا گهر ويهي حل ٿي سگهن ٿا، انتهائي قدم کڻڻ جي ضرورت نه هئي، زعيم قادري جلد بازي ڪئي. هن چيو ته اسان زعيم قادري کي سمجهايو به هو ته شهباز شريف کي اچڻ ڏيو مسئلو حل ڪنداسين جڏهن ته زعيم قادري جي پارٽي جي لاءِ خدمتون ۽ وابستگي هئي سندس عليحدگي سان افسوس ٿيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عرب، ڏکڻ ايشيا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عاشوري جو ڏينهن مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عرب ۽ ڏکڻ ايشيائي ملڪن سميت يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے