20 خميس , سيپٽمبر 2018

عمران خان خيبرپختونخواهه ۾ ڪا به يونيورسٽي نه بڻائي سگهيو: احسن اقبال

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته عمران خان خيبرپختونخواهه ۾ ڪا به يونيورسٽي نه بڻائي سگهيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن چيو ته ن ليگي حڪومت ملڪ ۾ نيون يونيورسٽيون ۽ ڪاليج بڻايا، البت مخالف اهڙو ڪو به مثال پيش نه ڪري سگهيا. هن وڌيڪ چيو ته اسان جي دور ۾ 18 هزار ميگا واٽ بجلي جا منصوبا شروع ڪيا ويا، اهڙي ريت سي پيڪ جي تحت گوادر کي جديد ترين بندگاهه بڻايو پيو وڃي. اڳوڻي وزير چيو ته بلوچستان ۾ ترقي جو نئون دور شروع ٿي چڪو آهي، اڄ ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ نه ٿيڻ جي برابر آهي. احسن اقبال چيو ته ن ليگ جي حڪومت 10 هزار ميگا واٽ بجلي سسٽم ۾ شامل ڪئي، ملڪ کي ترقي جي رستي گامزن ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Karachi: For the first time the existence of ISIL has been admitted: Abdul Khaliq Ali

امامِ عالي مقام جي ڏسيل واٽ تي هلڻ جي ضرورت آهي: آصف زرداري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته حضرت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے