25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

خواجا سعد رفيق 17 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ اثاثن جو مالڪ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري اڳوڻي وفاقي وزير ۽ پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ خواجا سعد رفيق جي اثاثن جي تفصيل به سامهون اچي وئي آهي. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل دستاويزن موجب ريلوي واري اڳوڻي وزير وٽ رڳو 17 ڪروڙ 84 لک رپين جا اثاثا آهن جڏهن ته هو 2 ڪروڙ رپين جو قرضي آهي، سعد رفي ۽ سندس ڀاءُ سلمان رفيق وراثتي گهر ۾ هڪ لک 25 هزار جو مالڪ آهي، ڊفينس فيز ٽو ۾ موجود سندس گهر جي ماليت 4 ڪروڙ 82 لک جڏهن ته ڦلروان ۾ 3 ڪروڙ 46 لک رپين جي ماليت جو 16 ڪنال ايراضي جو مالڪ آهي. سعد رفيق جي سعدين ايسوسي ايٽس جي ماليت 2 ڪروڙ 98 لک رپيا آهي ان کان سواءِ هڪ ڪروڙ 40 لک رپين جا ڪيش پرائز بانڊ ۽ 15 لک رپين جو بينڪ بيلينس آهي جڏهن ته 25 لک رپين جي ماليت جو فرنيچر ۽ هڪ ڪروڙ 15 لک رپين جو شيئر هولڊر آهي. سعد رفيق حلف نامي ۾ 2 زالن غزالا سعد رفيق ۽ شفق حرا جڏهن ته 2 ڌيئرن ۽ پٽن جو ذڪر ڪيو آهي، سعد رفيق 2015ع ۾ 2 ڪروڙ 26 لک آمدن تي 29 لک، 2016ع ۾ 2 ڪروڙ 99 لک آمدن تي 39 لک جڏهن ته 2017ع ۾ 3 ڪروڙ 89 لک رپين جي آمدن تي 52 لک انڪم ٽيڪس ادا ڪيو، ان کان سواءِ اڳوڻي ريلوي واري وفاقي وزير 3 سالن ۾ ڪو به زرعي انڪم ٽيڪس ادا ناهي ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن کي مداخلت جو ڪو حق ناهي: ميانمار فوجي سربراهه

نائپيدا (ويب ڊيسڪ) ميانمار فوج جي سربراهه چيو آهي ته گڏيل قومن جي اسان جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے