18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

ڪراچي جي عوام جي ٽينڪرز مافيا مان جان ڇڏرائينداسين: چيف جسٽس

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جو چوڻ آهي ته شهر جي رهواسين کي هر حال ۾ صاف پاڻي ڏيڻو آهي اسان ٽينڪرز مافيا کان ڪراچي جي عوام جي جان ڇڏرائينداسين. تفصيل موجب سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ سنڌ ۾ صاف پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جي حوالي سان ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس آف پاڪستان ميان ثاقب نثار ڪئي. حڪومت طرفان سيڪريٽري آبپاشي عدالت ۾ پيش ٿيو. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته سمنڊ جو حال ڏسو، افسوس آهي ته بوتلون ۽ غلاظت جو ڍير آهي، روزاني 450 ملين گيلن سيوريج سمنڊ ۾ پئي وڃي. منڇر ڍنڍ جي صفائي نه ٿيڻ ۽ خراب پاڻي تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته توهان 14.5 ارب رپين مان هڪ رپيو به خرچ ناهي ڪيو آئون پاڻ منڇر ڍنڍ جو دورو ڪندس. سيڪريٽري آبپاشي جواب ڏنو ته منڇر ڍنڍ مان روزاني 300 ملين ڪيوسڪ پاڻي ملندو آهي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته منڇر ڍنڍ مان پاڻي ملڻ جي باوجود ڪراچي ۾ ٽينڪر مافيا جو راڄ آهي، شهر جي رهواسين کي هر حال ۾ صاف پاڻي ڏيڻو آهي اسان ٽينڪر مافيا کان ڪراچي جي عوام جي جان ڇڏرائينداسين. 10 سالن کان هن حڪومت ڇا ڪيو؟ هاڻ سپريم ڪورٽ پاڻ مانيٽر ڪندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Karachi: Feudal locked school and captured its land

سپريم ڪورٽ فوجي عدالت مان سزا مليل چئن جوابدارن جي سزا روڪي ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ  )  سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن مان سزا مليل  چئن جوابدارن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے