18 اربع , جولاءِ 2018

ڪراچي ۾ نينگري کي اغوا ۽ زيادتي جا 2 جوابدار گرفتار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اسٽيل ٽائون ۾ 20 سالن جي نينگري کي اغوا ڪري زيادتي جو نشانو بڻائيندڙ ٻه جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ڪراچي ۾ اسٽيل ٽائون انويسٽي گيشن ڪارروائي ڪندي 20 سالن جي ناري کي اغوا ڪري زيادتي جو نشانو بڻائيندڙ 2 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. ايس پي انويسٽي گيشن ملير عابد قائمخاني ٻڌايو ته گرفتار جوابدارن ۾ ناصر صافي ۽ محمد رحمان شامل آهن جڏهن ته هڪ جوابدار مفرور آهي جنهن جي گرفتار جي لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. جوابدارن گذريل ڏينهن گلشن حديد فيز ون جبل واري پارڪ ڀرسان 20 سالن جي نينگري کي اغوا ڪيو ۽ زيادتي جو نشانو بڻائڻ کان پوءِ سندس گهر ٻاهران اڇلائي فرار ٿي ويا. ايس پي انويسٽي گيشن ٻڌايو ته متاثر ناري جي والد قدير احمد جي مدعيت ۾ واقعي جو ڪيس هڪ اڻڄاتل جوابدار سميت 3 جوابدارن جي خلاف داخل ڪيو ويو آهي جڏهن ته واردات ۾ استعمال ٿيل گاڏي به هٿ ڪئي وئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Lyrics of Emperor Mahdi Hassan's 91th Anniversary, Posted by Google

غزل جي شهنشاهه مهدي حسن جي 91  هين سالگرهه، گوگل طرفان ڀيٽا پيش

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) عزل جي شهنشاهه مهدي حسن جو اڄ 91 هون جنم ڏهاڙو ملهايو پيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے