16 سومر , جولاءِ 2018

سعودي حڪومت پاران پاڪستانين لاءِ 150 ٽن کجور جو تحفو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) سعودي حڪومت پاڪستانين  لاءِ 150 ٽن کجور جو تحفو ڏئي ڇڏيو آهي . سعودي سفير چيو آهي ته  سعودي عرب  اسلامي ملڪن جي هر ممڪن مدد ڪري ٿو  ۽ پنهنجي آمدني جو هڪ ڏهائي 9 سيڪڙو انساني امداد تي خرچ ڪري ٿو . اسلام آباد سعودي سفارتخاني ۾  منعقد تقريب ۾ سعودي حڪومت طرفان پاڪستانين لاءِ 150 ٽن کجور جو تحفو  ڏنو جيڪو  پاڪستان حڪومت جي نمائندي جوائنٽ سيڪريٽري  ڪابينا  ڊويزن  برگيڊ (ر) ذڪير وصول ڪيو .  تقريب کي خطاب  ڪندي سعودي سفير  نواف  سعيد المالڪي  جو چوڻ هو ته  سعودي عرب اسلامي ملڪن جي هر ممڪن مدد ڪري ٿو ، جڏهن هر ڏکئي وقت ۾ سعودي عرب پاڪستان جو ساٿ ڏنو ، سعودي عرب  جو امت مسلم  جي اتحاد ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو .  ياد رهي ته سعودي حڪومت  طرفان هر سال فوڊ پروگرام منعقد ڪيو وڃي ٿو جنهن تحت اسلامي ملڪن  ۾ راشن ڪپڙو ۽ غذائي  ورهاست ڪئي وڃي ٿي .  جنگ متاثر شام  سميت ٻين ملڪن ۾ سعودي عوام  وڏي رقم  گذريل سال  موڪلي وئي هئي ..

هي به ڏسي سگهو ٿا

مستونگ سانحو: سينيٽ ۾ تعزيتي قرارداد منظور، ٻڌايو وڃي ته ملڪ ڪير هلائي رهيو آهي؟ شيري رحمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ ۾ مستونگ سانحي جي حوالي سان تعزيتي قرارداد گڏيل طور …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے