26 اربع , سيپٽمبر 2018

عالمي رڪارڊ يافته اڳوڻو پاڪستاني سفير جمشيد مارڪر لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)  پاڪستان  جو اڳوڻو  سفير  جمشيد مارڪر  ڊگهي  علالت 96 سالن جي عمر ۾ ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو . جمشيد مارڪر  کي دنيا  ۾ ڊگهي  ۾ ڊگهي  مدي جو  سڀ کان وڌيڪ  ملڪن ۾ سفير رهڻ جو اعزاز     حاصل هو .  جنهن تي ان جو نالو گنيز بڪ  آف ورلڊ رڪارڊ ۾ شامل ڪيو ويو هو . جمشيد مارڪر  1964 ۾ افريڪي  ملڪ گهانا  ۾ سفير طور تي پنهنجي ڪيريئر جي شروعا ڪئي .  اهو 1986 کان 1988 تائين امريڪا ۾ پاڪستان جو سفير رهيو جڏهن ته  1994  تائين اهو  گڏيل قومن ۾  پاڪستان جو ايلچي  به رهيو. جمشيد مارڪر  24 نومبر 1922  تي هڪ پاڪستاني پارسي گهراڻي ۾ پيدا ٿيو .  هن شروعاتي تعليم  ڀارتي رياست  اتر  کنڊ  واري علائقي  ڍيرا  دون ۾ قائم دون  اسڪول  مان هاصل ڪئي  ۽ ان کانپوءِ  لاهور ۾ قائم فورمين  ڪرسچئين  ڪاليج يونيورسٽي  ۾ زير تعليم  رهيو .  جمشيد مارڪر کي ڪرڪيٽ سان به خاص  دلچسپي هئي . ۽ سفارتڪاري جي شعبي ۾  اچڻ کان اڳ  هو عمر قريشي سان ڪرڪيٽ جي   شروعاتي ڪمنٽري 1954  ۾ ڀارتي  ڪرڪيٽ  ٽيم  جي پهرين دوري  پاڪستان جي موقعي تي  باغ جناح ( لارنس گارڊن  ) مان ڪئي .  هن فرانسيسي  ، جرمن  ۽ روسي ٻولي ڳالهائڻ تي  عبور هاصل ڪيو . جمشيد مارڪر عالمي لاڳاپن  ۽ سفارتڪاري  تي مختلف ادارن ۾ ڪيترائي ليڪچرز  ڏنا ، جڏهن ته انهن  موضوعن   تي هن ڪيترائي  ڪتاب به لکيا  . جمشيد مارڪر  جي سوڳوارن ۾ هڪ ڌي  ۽ گهرواري شامل آهي .  خانداني ذريعن موجب  جمشيد مارڪر جي آخري رسمون پارسي عبادتگاهه محمود آباد  ۾ ادا ڪيون ويون .

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم جي خاص صلاحڪار زلفي بخاري جي اهليت چئلينج

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ ۾ وزيراعظم جي خاص صلاحڪار زلفي بخاري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے