21 جمعو , سيپٽمبر 2018

نيب ڪارروائي پاسو ڪيو تنهن ڪري عدالت جي آءِ ٽي جوڙي: خواجه حارث

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) احتساب عدالت ۾ ايون فيلڊ ريفرنس جي ٻڌني دوران اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي وڪيل خواجه حارث چيو ته نيب ڪارروائي کان پاسو ڪيو، تنهن ڪري عدالت جي آءِ ٽي جوڙي. ايون فيلڊ ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي وڪيل  خواجه حارث دليلن جو سلسلو جاري رکيو. خواجه حارث چيو ته معمول جو ڪيس هجي ها ته معاملو جاچ لاءِ نيب حوالي ڪيو وڃي ها، نيب جاچ ڪري ها پوءِ ريفرنس داخل ڪيو وڃي ها. هن چيو ته نيب ڪارروائي کان پاسو ڪيو، تنهن ڪري عدالت جي آءِ ٽي جوڙي، جي آءِ ٽي هڪ جاچ ايجنسي هئي، جاچ لاءِ قانون واضح هوندو آهي ڇا شاهدي جي قبول آهي ڇا نه آهي ۽ جي آءِ ٽي جي سربراهه جو ڪم جاچ ڪري مواد گڏ ڪرڻ هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے