25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

رنوير سنگهه ۽ دپيڪا 10 نومبر تي شادي جو فيصلو ڪري ڇڏيو

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جي مشهور اداڪاره دپيڪا پڊوڪون ۽ ادڪار رنوير سنگهه جي شادي جي تاريخ منظر تي اچي وئي آهي. ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب دپيڪا ۽ رنوير سنگهه هلندڙ سال 10 نومبر تي شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويندا جنهن لاءِ تياريون جاري آهن. رپورٽس موجب ٻنهي جي شادي واري هنڌ بنگلور ۾ هوندو يا وري انوشڪا ۽ ويرات وانگر شادي اٽلي ۾ ٿيندي ۽ آجياڻي واري تقريب ڀارت ۾ ٿيندي. دپيڪا ۽ رنوير شادي کي پروفيڪٽ ويڊيو بڻائڻ چاهين ٿا، اهو ئي سبب آهي ته شادي جي تاريخ سڀني تارين جي شروعات ڪرڻ بعد منظر تي آئي آهي. مداحن طرفان اسٽار جوڙي جي شادي جي تاريخ سامهون اچڻ شرط ئي سوشل ميڊيا تي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو پيو وڃي. سلور اسڪرين تي دپيڪا ۽ رنوير سنگهه جي جوڙي ڪيتريون ئي بلاڪ بسٽر فلمون ڏنيون آهن جنهن ۾ رام ليلا، باجي رائو مستان ۽ پدماوت شامل آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٺگس آف هندوستان ۾ عامر خان فرنگي ملاح جي روپ ۾ نظر ايندو

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ جي وڏي فلم” ٺگس آف هندوستان“ جو سڀني …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے