18 اربع , جولاءِ 2018

شهباز شريف جي ٻن سالن جا اثاثا ظاهر، نصرت شهباز مڙس کان به وڌيڪ امير نڪتي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف جي ٻن سالن جا اثاثا به سامهون اچي ويا آهن، نصرت شهباز مڙس کان به وڌيڪ امير نڪتي.  دستاويزن موجب نصرت شهباز جي ڪل اثاثن جي ماليت 22 ڪروڙ رپيه آهي، نصرت شهباز جو ماڊل ٽائون ۾ 10 ڪنال جو گهر آهي جنهن جي ماليت 12 ڪروڙ 87 لک رپيه ظاهر ڪئي وئي آهي. سندس مري ۾ به 5 ڪروڙ 78 لک رپين جو سوا 9 ڪنال جو گهر آهي. نصرت شهباز رمضان شگر ملز، حمزا سپننگ ملز سميت 12 ڪاروبارن ۾ شيئر هولڊر آهي، وٽس موجود زيورن جي ماليت 17 لک رپيه ظاهر ڪئي وئي آهي.  شهباز شريف جي ٻئي گهر واري تهمينه دراني رڳو 57 لک رپين جي اثاثن جي مالڪ آهي، سندس گوادر ۾ 4 ڪنال جو پلاٽ، 5 لک ماليت جي گاڏي، 5 لک رپين جو بئنڪ بيلنس آهي ۽ 15 لک رپين جا زيوار آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

بلاول کي مسئلن جي ڪهڙي خبر، زرداري به جلد اڊيالا ويندو: عمران خان

جيڪب آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته آصف زرداري ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے