22 آچر , جولاءِ 2018

پاڪستان سٺن ۽ خراب طالبان ۾ ڪو به فرق نه ٿو رکي: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان نفيس ذڪريا چيو آهي ته پاڪستان گوڊ ۽ بيڊ طالبان ۾ ڪو به فرق نه ٿو رکي. اسلام آباد ۾ هفتيوا بريفنگ ڏيندي پرڏيهي آفيس جي ترجمان نفيس ذڪريا چيو ته پاڪستان افغانستان ۾مفاهمت ۽ امن جي سمورن قدمن جي حمايت ڪري ٿو،  افغان قيادت کي طئي ڪرڻو آهي ته هو ڪنهن عمل تحت امن قائم ڪرڻ جي حمايت ڪن ٿا. هن چيو ته  دهشتگرد ملا فضل الله افغانستان ۾ مارجي ويو آهي،ملا فضل الله اي پي ايس جي ٻارڙن سميت ڪيترن ئي پاڪستانين جي قتل جو ذميوار آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان تحريڪ طالبان پاڪستان کي به نشانو بڻائيندو، سٺن ۽ خراب طالبان جو ڪو به فرق ناهي.  پرڏيهي آفيس جي ترجمان نفيس ذڪريا چيو ته  پاڪستان 6 مهينن دوران 291 ڀارتي مهاڻن کي آزاد ڪيو آهي ۽ عيد تي جنگبندي جي آجيان به ڪئي آهي. هن چيو ته پاڪستان انٽرنيشنل ڪميشن قائم ڪرڻ جي تجويز جي به آجيان ڪري ٿو، ڀارت طرفان رپورٽ رد ڪرڻ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي. سندس چوڻ هو ته ڀارت حقيقت نه ٿو لڪائي سگهي، ڀارت جيڪڏهن ڪجهه لڪائڻ نه  ٿو چاهي ته ڪميشن کي والاريل ڪشمير  جو دورو ڪرڻ ڏي،پاڪستان ڪميشن آف انڪوائري کي آزاد ڪشمير جي دوري جي اجازت ڏي ٿو. نفيس ذڪريا چيو ته ڀارت ان کان اڳ ڪلڀوشن معاملي تي به ڀڄي چڪو آهي،پاڪستان ڪلڀوشن بابت موقف سامهون رکڻ جي ڳالهه ڪئي. هن چيو ته ڪشميري صحافي شجاعت بخاري جي قتل جي آزاد جاچ ڪرائي وڃي. سندس چوڻ هو ته شجاعات بخاري جو قتل ڀارتي فوج جي ظلم جي عڪاسي ڪري ٿو، ڪشمير ۾ صحافين کي به تحفظ حاصل ناهي، ڀارت شجاعت بخاري جو قتل جو سياسي استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. سندس چوڻ هو ته ايف اي ٽي ايف تي آمريڪا سميت سمورن اسٽيڪ هولڊرن سان رابطي ۾ آهيون، پاڪستان ناڻي واري وزارت ان حوالي سان اپاءَ وٺي رهي آهي. نفيس ذڪريا چيو ته پاڪستان جي هيوسٽن ۾ مقرر قونصل جنرل 23 مئي تي ڊاڪٽر عافيه صديقي سان ملاقات ڪئي، هنن لاڳاپيل آمريڪي اختيارين سان ڊاڪٽر عافيه صديقي سان بدسلوڪي جو معاملو اٿاريو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Rangers in different cities, 7 suspects arrested, weapons hand

رينجرز جون مختلف شهرن ۾ ڪاروائيون، 7 جوابدار گرفتار، هٿيار هٿ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) رينجرز طرفان صوبي جي مختلف شهرن ۾ ڪاروائيون ڪيون ويون جنهن جي نتيجي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے