22 آچر , جولاءِ 2018

ٽن سالن کان عمران خان فائونڊيشن جي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪئي آهي: نگران گهرو وزير

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) نگران گهرو وزير اعظم خان چيو آهي ته منهنجو تحريڪ انصاف سميت ڪنهن به سياسي پارٽي سان ڪو واسطو ناهي، عمران خان فائونڊيشن منهنجي ڀاڻج ذريعي مون سان رابطو ڪيو، ٽن سالن کان بورڊ جي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪئي آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اعظم خان چيوته سپريم ڪورٽ مون کي فلڊ ڪميشن جو سربراهه  مقرر ڪيو هو، فلڊ ڪميشن ۾ پنهنجون ذميواريون سرانجام ڏنيون،ڪميشن کي رپورٽ ڏني جڏهن ته اسان جي رپورٽ تي ڪجهه ڪارروائي به ڪئي وئي. هن چيو ته عمران خان فائونڊيشن هڪ فلاحي ادارو آهي، مان ٽن سالن کان اجلاس ۾ شرڪت نه ڪري سگهيو آهيان. سندس چوڻ هو ته عام چونڊن ۾ دهشتگرديءَ جو خطرو موجود آهي، بلوچستان جي علائقن ۾ ڀارتي ايجنسي را گهڻي سرگرم آهي، اسان پنهنجون ذميواريون ايمانداري سان ادا ڪري رهيا آهيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Rangers in different cities, 7 suspects arrested, weapons hand

رينجرز جون مختلف شهرن ۾ ڪاروائيون، 7 جوابدار گرفتار، هٿيار هٿ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) رينجرز طرفان صوبي جي مختلف شهرن ۾ ڪاروائيون ڪيون ويون جنهن جي نتيجي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے