20 خميس , سيپٽمبر 2018

چونڊن کان اڳ ڪامور ا شاهيءَ جون وڏي پئماني تي ٿيل بدليون

سرڪاري ملازم لاءِ اصول ته اهو هوندو آهي ته اهو شخصيتن جي تابع ٿيڻ بدران قانون موجب، پنهنجون ذميواريون نڀائي. آئين ۽ قانون موجب وقت  جي حڪومت جو صوابديد هوندو  آهي ته اها ڪهڙي آفيسر کي ڪٿي ٿي رکي. اسان جهڙن ٽين دنيا جي ملڪن ۾ ته عام رواج آهي ته هر نئين حڪومت اقتدار جي واڳ سنڀالڻ شرط پهريون ڪم پنهنجي مرضي ۽ پسند جا آفيسر اهم عهدن تي مقرر ڪرڻ جو ڪم ڪندي آهي. ٿي سگهي ٿو ته ان جي پٺيان وقت جي سرڪار جو ڪو غلط ارادو ۽ نيت نه هجي پر عام طرح ڏٺو اهو ئي ويو آهي ته سفارش ۽ پنهنجا نوازي توڙي اقربا پروري واري ريت ڪامورا شاهيءَ قانون ۽ قاعدن موجب پنهنجا فرض نڀائڻ بدران شخصيتن خاص ڪري بااثر حڪومتي شخصيتن جي تابع ٿي، قانون جي ٻڌڻ بدران انهن شخصيتن جو چيو مڃڻ کي ئي سڀ ڪجهه سمجهندا رهيا آهن،  جنهن جي ڪري ٿيندو ايئن آهي جو حڪومت ختم ٿيڻ شرط ڪرپشن، اختيارن جي ناجائز استعمال، اثاثا ٺاهڻ ۽ پنهنجن کي نوازڻ جي الزامن تحت سياستدانن سان گڏ آفيسرن خلاف به وٺ پڪڙ شروع ٿيو وڃي، جنهن جي ڪري ادارن جي ڪارڪردگي شديد متاثر ٿئي ٿي ۽ جيڪي ڪم سال ۾ مڪمل ٿيڻ گهرجن، تن کي مڪمل ٿيندي ٿيندي ڪيئي ورهيه گذريو ٿا وڃن.

اهڙو رواج  ٽين دنيا جي ملڪن خاص ڪري ڏکڻ ايشيا جي ملڪن يعني پاڪستان، هندستان، بنگلاديش، سري لنڪا ۽ نيپال ۾ گهڻو آهي، جتي اڪثر ڪري سياستدان به ڪاٺ ۾ هجن ٿا ته ڪامورا به سڌريل دنيا، يعني اولهه ۾ آمريڪا ۽ يورپ ۾ به ڪرپشن جي لپيٽ ۾ اختيارن جي ناجائز استعمال  آمدنيءَ کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جي الزام ۾ اهم سياستدانن ۽ عوامي عهدن تي رهندڙن آفيسر به اچن ٿا پر اتي اهڙو واقعو ورلي ئي ورهين ۾ ڪو رپورٽ ٿئي ٿو، جڏهن ته اسان وٽ اهو سڀ ڪجهه ڄَڻَ ته معمول بڻيل آهي، مهذب ملڪن ۾ حڪومت اچي يا ان سان  ڪا مورڪي ڪارهنوار تي اثر پوڻ بدرا ادارن جو نظام جيئن جو تيئن جاري رهندو آهي. شاهه کان وڌيڪ شاهه جي سچائيءَ  اسان اندر ادارن کي ئي ويهاري ڇڏيو آهي، جنهن جي ڪري ملڪ اڄ به اهڙو مقام حاصل ڪري ناهي سگهيو، جيڪو مضبوط ادارن وارن ملڪن کي دنيا جي قومن ۾ حاصل هوندو آهي.

اسان جي ملڪ ۾ عام چونڊون 25 جولاءِ تي ٿي رهيون آهن، جن جو ٻيو مرحلو يعني اميدوارن جي نامزدگي ڪاغذن جي جاچ پڙتال جو مرحلو ٽيون ڏينهن مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ ٽيون مرحلو يعني ڪاغذن جي منظور يا رد ٿيڻ خلاف اليڪشن ٽربيونل ۾ اپيلون داخل ڪرڻ جو مرحلو شروع ٿي چڪو آهي، جيڪو 27 جون تائين جاري رهندو. ملڪ ۾ جيئن ته 2008ع کان وٺي 2018ع تائين ڏهه سال جمهوري دور رهيو آهي، انهيءَ عرصي ۾ ٻه چونڊيل حڪومتن ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پنهنجو پنهنجو آئيني مدو پورو ڪيو آهي ۽ هاڻي ٽين چونڊيل حڪومت جي هٿن ۾ اقتدار جي واڳ ڏيڻ لاءِ آئيني طريقيڪار تحت عام چونڊون ٿي رهيون آهن، گذريل ڏهن سالن ۾ اقتدار جيئن ته چونڊيل حڪومتن ۽ چونڊيل نمائندن  جي هٿن ۾ رهيو آهي، وفاق ۾ نواز ليگ سنڌ ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي خيبرپختونخواهه ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف، پنجاب ۾  نواز ليگ ۽ بلوچستان ۾ شروع ۾ عوامي پارٽي، بعد ۾ نواز ليگ ۽ هن ڀيري مخلوط حڪومت رهي آهي.  انهن حڪومتن ۾ تعلقن، ضلعن کان ويندي صوبائي ۽ وفاقي سطح تي مختلف آفيسر مقرر رهيا آهن، ملڪ ۾ جيئن ته سياسي حڪومتون چونڊيل نمائندن ذريعي ڪم ڪري رهيون هيون، تنهن ڪري آفيسرن جي مقرريءَ ۾ گهڻو ڪري ميرٽ جو عنصر غائب ٿي رهيو ۽ هر ڪنهن پنهنجي ماڻهن کي اڳتي آندو ۽ اهم عهدن تي  مقرر  ڪيو. اصولي طور سرڪاري ڪامورو ڪنهن شخص ۽ پارٽي نه پر قانون جو ماڻهو ئي هئڻ گهرجي پر هتي چرخو ئي ابتو آهي. سو اهڙي صورتحال ۾ جڏهن وفاق ۾ توڙي صوبن ۾ مختلف جماعتن حڪومتن ۾ رهيون هجن ۽ مختلف ادارن ۾ آفيسر به سندن طرفان مقرر ٿيل هجن، تن جي موجودگيءَ ۾ عام چونڊون ٿيڻ جي صورت ۾ انهن تي سوال اٿن ها، سو چونڊن کي شفاف بڻائڻ جي ارادي تي سوال اٿن ها، سو چونڊن کي شفاف بڻائڻ جي ارادي تحت اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سڄي ملڪ اندر وڏي پيماني تي مقرريون ۽ بدليون ڪيون آهن. سنڌ سميت چئني صوبن جا چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جيز ته اڳ ئي تبديل  ڪيا ويا هئا. ڪالهه سنڌ ۾ مختلف کاتن جي 14 سيڪريٽريز، ٻن ايڊيشنل آءِ جيز، ڇهن ڪمشنرن، ڊپٽي ڪمشنرن، 14 ڊي آءِ جيز ۽ مختلف ضلعن جي ايس ايس پيز کي تبديل ڪيو ويو آهي ۽ انهن جي جاءِ تي نوان  آفيسر مقرر ڪيا ويا آهن ته جيئن چونڊون شفاف بڻائي سگهجن.

چونڊون شفاف بڻائڻ لاءِ ڪامورا شاهيءَ جي وڏي پيماني تي ردو بدل هڪ اهم قدم آهي پر اها به حقيقت آهي، جنهن کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته نگران سيٽ اپ اچڻ کانپوءِ سنڌ ۾ نه ته وڏو وزير سنڌي ڳالهائيندڙ آهي، نه چيف سيڪريٽري ۽ نه آءِ جي، ڇا سنڌ ۾ چونڊن جي شفافيت کي يقيني بڻائڻ واسطي اهم عهدن تي مقرري لاءِ ڪو ڌرتي ڌڻي اهل نه هو ؟

خميس 21  جون  2018ع، 6  شوال 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪ – افغان لاڳاپا ۽ علائقي جو امن

افغانستان ۾ روس جي آمد بعد ۽ وري روس جي نيڪاليءَ بعد جيڪا جنگ شروع …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے