18 اربع , جولاءِ 2018

چونڊون، فيس بڪ, عوام ۽ تبديلي جو سوال

ڊاڪٽر غفور ميمڻ

 اڄ ڪلهه فيس بڪ تي سياسي ماحول گرم آهي عام طور سان اسان فيس بڪ ڏسي يا پڙهي اندازو لڳائيندا آهيون، ته هاڻي  عوام سجاڳ ٿي ويو آهي ، ڪا وڏي تبديلي ايندي ، زرداري کان ويندي وڏيرن جي خلاف هاءِ گهوڙا ڏسي لڳندو آهي، ته ادا سنڌ جي سياسي صورتحال ڏاڍي بدلجي ويئي آهي. پر حقيقت  ڪا ٻي آهي، فيس بڪ صرف هائيپر رئلٽي جو تماشو آهي، ڪجهه پڙهيل لکيل ، دانشورن، اديبن يا نوجوانن جو مشغلو آهي، اصل حقيقت ٻي آهي، اسان جو فيس بڪ ته صرف اسان جي هڪ خاص طبقي جي ذهنيت جي عڪاسي ڪري ٿو. ائين لڳندو آهي، اسان جو پڙهيل ماڻهو جديد انٽرنيٽ جي سهولت مان ڪوبه فائدو نه وٺي سگهيو آهي. هو صرف فيس بڪي دانشور ٿي ويو آهي، توهان ٿورو غور ڪريو توهان مفت ۾ ويٺا ماڻهن جا عمل ڏسو، ڪو ماني پيو کائي، ڪو گهمڻ ويو ته ملڪ اڙيو، ڪو عمرو ڪري پيو ته فيس بڪ ڀرجي ويو، ڪو مرتيو ٿيو ته فيس بڪ  ڀرجي ويو. ايتري قدر جو ماڻهو پنهنجي محبوبائن ، زالن، ڌيئرن جا اسٽائلش فوٽو به رکي پاڻ پڏائن ٿا. پر اڄ ڪلهه فيس بڪ جي جي موسم ٻي آهي، هر ماڻهو  سياسي دانشور آهي، ڪو ڪهڙي پارٽي جي حق جي ڳالهه ٿو ڪري ته ڪو وري ڪنهن ٻي پارٽي جي ناحق جي. ڪو ڪهڙو مشهورو پيو ڏي ته ڪو وري ڪهڙو، مطلب فيس بڪ تي چوٻول اهڙو لڳو پيو آهي جو توهان انهيءَ فيس بڪ تان نتيجو ڪڍي وٺو ته ڪهڙي پارٽي پئي کٽي!! پر حقيقت ڪا ٻي آهي.

انهي فيس بڪ کان پري 90 سيڪڙو عوام آهي، هاري ناري، ڪڙمي ڪاسبي، دڪاندار، پڙي وارو،  هنر وارو، ڪو واڍو آهي ڪو لوهار آهي، ڪو ريزڪي دڪان وارو آهي، ڪو شاگرد اڃا پڙهي پيو،  اهي ماڻهو فيس بڪ جي دنيا کان پري آهن. انهن کي خبر ناهي ته دنيا ۾ ڇا پيو ٿئي، ڪهڙا دانشور آهن، ڪهڙا ماڻهو سٺا آهن، ڪهڙن کي چونڊن ۾ کٽڻ گهرجي، اهو 90 سيڪڙو عوام اسان جي دانش کان محروم آهي، انهيءَ جو سبب اهو آهي ته اسان جو پڙهيل لکيل طبقو عام ماڻهو کان پري آهي انهيءَ جو سبب آهي ته انگريزن جي دور ۾ جيئن انگريزي پڙهڻ لڳو ته هن کي احساس ٿيو ته سنڌي ڄٽ آهن، ۽ پاڻ کي معتبر سمجهڻ لڳو. آهستي آهستي پڙهيل لکيل طبقو الڳ ٿيندو ويو. هندو لڏي هليا ويا، اسان جو وچون ۽ پڙهيل لکيل طبقو 70 کان پوءِ پيدا ٿيڻ لڳو،

ان وقت قومي تحريڪ ۽ ڪميونسٽ تحريڪ زور تي هئي. پر واحد اها سنڌ هئي جتي ڪميونسٽ تحريڪ عوام کان پري هئي، ڇو ته ڪميونسٽ پاڻ ۾ ٽولو ٺاهي ويهندا هئا ، پاڻ ۾ بحث ڪندا هئا ، تبليغي اندا ز ۾ ڪو ماڻهو ڪميونسٽ ٿيو ته انهيءَ ٽولي ۾ گڏ ٿي ويندو هو ، نه ته باقي پاڻ ۾ بحث ڪندا هئا، هڪ ٻئي کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. انهيءَ ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته انهيءَ تحريڪ جا مثبت اثر تمام گهڻا هئا ۽ پيا پر هڪ منفي اثر اهو ته پڙهيل لکيل طبقو عوام کان پري رهيو. اڃا به ابتو عام ماڻهن ۾ سندن تاثر اهو هوندو هو ته اهي ڪافر آهن. نتيجي طور عوام کان هميشه پڙهيل لکيل طبقو پري رهيو.  ون يونٽ جي تحريڪ کان پوءِ اسان جي قومي تحريڪ شاگرد، پڙهيل لکيل طبقي شروع ڪئي، جيڪا عوامي بڻجي رهي هئي.

عين ان وقت ڀٽو صاحب  اٽِي، اجهي ۽ لٽي جو نعرو هڻي عوام کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪري ويو. مٿان وري ڀتا خوري، غنڊه گردي جي سياست رهي ڪسر به پوري ڪري ڇڏي. اسان جو دانشور عوام سان جڙي نه سگهيو. جيڪو ٿورو گهڻو هاري ناري ۾ سياسي شعور اڀريو هو ته اها مهرباني هڪ حيدر بخش جتوئي جي هئي ٻيو رسول بخش پليجي هئي. باقي ڪميونسٽ تحريڪ ۽ دانشور عوامي نه ٿي سگهيو . بلڪل هاڻي به اها صورتحال آهي، عوام ۾ اسان جو دانشور نٿو وڃي انهن جي اصل مسئلن کان واقف ڪونهي.

عام ماڻهو وڏيري کي ان داتا سمجهي ٿو ، اهو سمجهي ٿو ته وڏيرو اسان جي شادي مرادي ۾ اچي ٿو، ڪو ٻڌجي وڃي ٿو ته وڏيرو ڇڏائي ٿو، ڪو وڙهي ٿو ته وڏيرو فيصلو ڪري ٿو، اهو منهنجي ڪنهن هڪ پٽ کي نوڪري پوءِ ڀلي پٽيوالي هجي پر وٺي ڏيندو.  وڏيرن انهيءَ دوران هڪ تمام وڏو ڪرمنل طبقو به پيدا ڪري ورتو آهي، جيڪو ڳوٺن ۾ قبضا ڪري ٿو. منشيات وڪڻي ٿو، گهٽڪو وڪڻي ٿو، سٽي جي راند ڪرائي ٿو. اغوا، گاڏيون کسڻ جهڙيون وارداتون، قتل، ڀتي خوري سب ڪجهه ڪرڻ وارو طبقو سنڌ ۾ پيدا ٿي ويو آهي. جنهن جي وڏيرو نه صرف حمايت ڪري ٿو،  پر انهيءَ کي پنهنجي حمايت لاءِ استعمال ڪري ٿو. عام ڳوٺاڻو يا انهن ڏهارين جي رحم ڪرم تي آهي يا انهن جي عتاب جو شڪار آهي. هاڻي اتي اسان جي پڙهيل لکيل فيس بڪي يا انٽرنيٽي دانشور جي ڪانه ٿي هلي. هو اهو ڏسي ئي ڪونه ٿو ته ووٽ کي ”مُٽي“ ڪير ٿو، هن کي انهيءَ ڳالهه سان دلچسپي ئي ڪانهي ته ملڪ ۾ ڇا پيو ٿئي ڪروڙن جي ڪرپشن هن لاءِ صرف هڪ ڳالهه آهي جيڪا هو ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏي ٿو.

هن کي عمران، نواز يا زرداري جي چونڊ سان ڪابه دلچسپي ڪانهي، هو ته صرف وڏيري کي ڏسي ٿو. يا وري جذباتي نعرن کي ٻڌي ٿو،  ضياءُ الحق جي دور ۾ ڀٽي جي ڦاهي ڪنهن کي ياد هجي يا نه پر هن کي بي نظير جي شهادت ياد آهي، هو ڏسي ٿو ته هڪ عورت بي گناهه مارجي ويئي. وري جو کيس چئجي ٿو ته ڪرپشن پئي ٿئي وڏيرا سڀ ڪجهه کائي ويا، ته هن جو جواب هوندو آهي ابا الله ڏسندن. وري به وڏيري سان ٺاهي رکندا متان ڪا ويل اهڙي اچي ته وڏيرو مدد ڪري. هاڻي عوام به سمجهي ٿي ته وڏيرو ٻانهن ڀڳل ڪرسي تي ويهڻ واري وڏيري مان کرب پتي ڪيئن ٿيو. ٻيلا وڍائي زمينن تي قبضا ڪنهن ڪيا. کربين رپين جا منصوبا مڪمل ڇو نه ٿيا. پر عوام هاڻي  ميڊيا جي اڳيان محرومي جو پٽڪو ڪري وري ووٽ وڃِي وڏيري کي ڏيندو. ۽ ووٽ ڏيندو به اهو ئي طبقو اسان جو پڙهيل لکيل  فيس بڪ تي نظر ايندڙ طبقو ووٽ ڏيڻ به ڪونه ويندو. ڇو ته هو صرف تبصري ڪرڻ لاءِ پيدا ٿيو آهي، توهان غور ڪريو ڪجهه پڙهيل لکيل طبقي جي خواهش آهي اياز لطيف پليجو اسيمبلي ۾ پهچڻ گهرجي، پر اهو طبقو خود ووٽ ڏيڻ ڪونه ويندو،  وري عوامي سطح جي سياست پليجو صاحب نه ڪري سگهيو آهي، وڏيرو گاڏيون ڀرائي ووٽ ڏيارڻ لاءِ سندس هاري ناري وٺي ويندو، باقي ٺپا لڳندا. ايتري قدر جو رزلٽ ٺهي صبح جو اعلان ٿيندو. پر اسان جا فيس بڪ تي تبصرا پيا هلندا ڪنهن جون پڳون پيا لاهينداسين ته ڪنهن کي پنهنجي نئين ورتل ڪار پيا ڏيکارينداسين.

اصل ۾  دنيا ۾ چونڊن جو چوٻول هلندو ئي ٽي وي ۽ انٽر نيٽ تي آهي، جيئن آمريڪا ۾  ڊونالڊ ٽرمپ هڪ وڏي هائپر ريئل تحريڪ هلائي ۽ کٽي ويو.  پر اسان جي عوام ۾ اهڙي تحريڪ ڪوبه اثر نٿي ڪري، ان جي مقابلي ۾ لياقت ميراڻي واري انداز ماڻهن تي اثر ڪيو آهي جو هو ماڻهن ۾ گهڙي پوي ٿو ماڻهن جا مسئلا کڻي کين يقين ڏياري ٿو ته مان حل ڪندس، اهڙي طرح گلشن حديد ۾ جهتيال مڪاني چونڊن ۾  کٽيو هو جو هو ماڻهن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ سڄو ڏينهن لائوڊ کڻي اعلان پيو ڪندو هو. هن کي ڪنهن جي کلڻ جي پرواهه نه هوندي آهي. ليا قت ميراڻي به اهڙو ڪردار آهي. جيڪو عوام ۾ ڪاهي پيو آهي ڀلي هيئر کڻي نه کٽي پر هو سياسي طور هڪ اهڙي روايت کي قائم ڪري پيو جيڪا وڏيرن لاءِ سٺو سنوڻ ناهي.

گهڻن ماڻهن جو خيال آهي ته سوشل ميڊيا هڪ وڏي طاقت آهي، عوام جي ڪير نه ٻڌي ته آخر سوشل ميڊيا ذريعي ماڻهو پنهنجو فرياد ڪري ٿو.  اصل ۾  ايتري حد تائين ٺيڪ آهي ته ڪنهن اشو جي سياست تي فيس بڪ ڪردار ادا ڪري ٿو. پر ملڪ جي مجموعي طور تبديلي ۾  فيس بڪ ڪو ڪردار ادا نٿو ڪري، اسان وڌ ۾ وڌ ڪنهن اداري يا فرد يا ڪنهن هڪ مسئلي تي هاءِ گهوڙا ڪري ان جو ڌيان ڇڪايون ٿا. پر ان جي بدلي اسان پنهنجو قيمتي وقت فيس بڪ جي فضول ڳالهين کي به ڏيون ٿا، اسان نه ته ڪا ليڊر شپ پيدا پيا ڪريون، نه وري مجموعي آبادي  ۽ عام ماڻهو سان جڙي رهيا آهيون،  اسان جي خيال ۾ وچون طبقو وڏيري کي چيلينج ڪندو، پر اصل ۾ روشن خيال تحريڪ هميشه اهو ٻڌائي ٿي ته وچون طبقو موقعي پرست ۽ مفاد پرست هوندو آهي، اهو جيترو سنڌ ۾ پيدا ٿيو آهي اوترو سنڌ ۾  وڏيري سهولت حاصل ڪئي آهي، تبديلي نه فيس بڪ آڻيندو نه وري وچون طبقو  ، تبديلي صرف عام عوام آڻيندو جنهن کان اسان پري آهيون.

هاڻي  چوندن جو ماحول گرم نه ٿيو آهي، ڇو ته ڄڻ سياستدانن کي به يقين آهي ته چوندن ۾ عوام جي ڪا حيثيت نه پر ڪن ڳجهن هٿن جي مهرباني کپي. هاڻي چونڊن جو چوٻول ٿڌو آهي، پر فيس بڪ تي گرم آهي، جو فيس بڪ تي راٻ راٻ ڪندڙ قوم  جو ڳجهن هٿن کي به يقين آهي ته  ڪجهه نه ڪري سگهندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

فقير محمد لاشاري: هڪ جرئتمند صحافي

محمد سليمان وساڻ سنڌ جي تاريخ تي نظر ڊوڙائبي ته انيڪ صحافي نظر ايندا جن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے