22 آچر , جولاءِ 2018

ملڪ جي انصاف جا ادارا احتساب کان آجا ڇو…؟

امير ڀنڀرو

انصاف ۽ احتساب ملڪ جي ترقين جا اهي رستا هوندا آهن جن رستن تان  هليملڪن جون تقديرون ٺهنديون ۽ ڊهنديون آهن جنهن ملڪ جو انصاف ۽ احتساب شفاف ۽ رجيحي بنيادن تي هوندو آهي انهن ملڪن جي ترقين کي ڪوبه  روڪي نٿو سگهي جنهن ملڪ ۾ انصاف ۽ احتساب سياست ۽ نا انصافيءَ جي ور چڙهيل هوندو آهي انهيءَ  ملڪن کي تباهي کان ڪو به روڪي نٿو سگهي، ۽ انهن ملڪن جي ترقيءَ جو ته تصور ئي پري جي ڳالهه آهي ۽ انهن ملڪن جي تباهي جا منظر به تمام خطرناڪ منظر پيش ڪن ٿا،  جن ملڪن ۾ انصاف ڏيڻ جا ادارا خود نا انصافين ۽ ڪرپشن ۾ اڳڀرا هجن ۽ وري اهي ڪرپشن سان رنگيل ۽ رچيل ادارا احتساب کان به آجا هجن اهڙي صورتحال ۾ اسان جي ملڪ جو ڇا ٿيندو جتي انصاف ڏيڻ وارن ادارن ۾ ائين کڻي چئجي ته بهتر ٿيندو ته ڪرپشن هڪ مشن ۽ قانون بڻيل هجي.

اسان اڳتي نه کڻي ڪالهه وارين خبرن کي ئي تبصرن ۾ آڻيون ته اسان جون اکيون کلي وينديون ته اسان جي ملڪ ۾ قانون ۽ انصاف جي نالي ڪهڙو نا حق ٿئي پيو ڪاله وارين اخبارن ۾ هڪ خبر ليڊ ٿي آهي ته اسان جي ملڪ جو موجوده نگران وزير اعظم ۽ اڳوڻو چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ر ناصر الملڪ وڏي ملڪيت ۽ جائداد جو مالڪ آهي نگران وزير اعظم ۽ اڳوڻو چيف جسٽس دنيا جي مهانگي ترين ملڪن سنگاپور، برطانيا سميت ٻين ملڪن ۾ اربين رپين جي اثاثن جو مالڪ آهي . اسلام آباد ۾ ٽن مهانگي ترين پلاٽن جو مالڪ سوات ۾ 45 دڪانن فلور ملز ، سي اين جي اسٽيشن، سان گڏوگڏ سندس گهر ۾ 65 لک رپين جو فرنيچر پڻ آهي جڏهن ته اهو به رپورٽن ۾ سامهون آيو آهي ته سندس گهر واري جي لنڊن ۾ ملڪيت آهي جنهن جي قميت 272،850 پائونڊ آهي حيرت جي ڳالهه ته  سندس گهر واري ايتري ملڪيت هوندي به 3 لک 80 هزار ڊالرن  جي قرضي به آهي، اها رپورٽ سامهون اچڻ کان پوءِ عوام جون اکيون کلي وڃن ٿيون ته جتي اسان جي عوام جي انصاف جا ادارا جن جي هٿن ۾ عوام جي انصاف جو اميدون آهن جن جي هٿن ۾ پوري ملڪ جي احتساب جو اختيار آهي انهن ئي ادارن ۽ انهن ادارن جي اهم عهدن تي ويٺلن جو ئي اهو حال هجي ته اتي عوام جو ڇا ٿيندو ؟ جتي اسان جي ملڪ جو نگران وزير اعظم جيڪو اڳ ۾ ملڪ جو چيف جسٽس به رهي چڪو آهي انهي جا اهڙا اثاثا سامهون اچن جيڪي اثاثا اسان کي ملڪ جي غريب ۽ مسڪين ماڻهن جي لٽيل دولت جو احساس ڏين.

اڳوڻي چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ هاڻوڪي نگران وزير اعظم جا حيرت ڪندڙ اثاثا سامهون اچڻ کانپوءِ اسان جي ملڪ جي عوام جو هڪ دفعو ٻيهر اهو سوال سامهون اچي ٿو ته ڇا نگران وزير اعظم جي انهن اثاثن جي جاچ ٿيندي ڇا اسان جو نگران وزير اعظم جيڪو اڳ ۾ پاڻ چيف جسٽس رهي چڪو آهي اهو قانون جي ڪٽهڙي ۾ ايندو؟  يا اهو عوام کي اهو جواب ڏيندو ته ان جي اها ملڪيت ڪٿان ۽ ڪيئن آئي،

نگران وزير اعظم جي انهن اثاثن جي سامهون اچڻ کانپوءِ عوام اهو سوچي ٿو ته انهي عوام جو ڇا ٿنيدو ؟ نگران وزير اعظم ۽ اڳوڻو چيف جسٽس به انهي اداري مان رٽائر ٿي نگران وزير اعظم ٿيو آهي جنهن ملڪ جي مقدس اداري سپريم ڪورٽ مان اسان کي بار بار اهي لفظ ٻڌڻ ۾ ايندا آهن ته ڪهڙي به صورت ۾ عوام جي مال ۽ ملڪيت جو تحفظ ڪيو ويندو، پر اسان کي اهي سڀ ڳالهيون به خواب ۽ ڊائلاگ لڳندا جڏهن اسان انهي مقدس ادارن ۾ ويٺل اهم عهدن تي مقرر شخصيتن جا اثاثا ڏسنداسين موجوده  نگران وزير اعظم رٽائر چيف جسٽس آهي جنهن به عوام لاءِ اهي ئي ڳالهيون ڪيو هيون ته ڪهڙي به قميت ۾ عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪئي ويندي پر هو رٽائر ٿي ويو ۽ بعد ۾ هن جا جڏهن اثاثا سامهون آيا آهن ته سمجهه ۾ اچي ٿو ته هن عوام جي جان ۽ مال جي ڪيتري حفاظت ڪئي ۽ پنهنجي جان ۽ مال جي لاءِ ڪيتري ڪوشش ڪئي ملڪ جي انهي مقدس اداري جو صرف اهو چيف جسٽس نه آهي جنهن جا اهڙا حيران ڪندڙ اثاثا ظاهر ٿيا آهن، اهڙا اثاثا ۽ ڪرپشن جا معاملا اڳ ۾ به سامهون ايندا رهيا آهن جيئن اڳوڻي چيف جسٽس چوڌري افتخار به ملڪ جي بلند ترين سطح جو ڳالهيون ڪيون هيون ته هو هئين ڪندو هو هئين ڪندو جڏهن هو رٽائر ٿيو ته هن جي پٽ جا به اهڙا ئي اثاثا ظاهر ٿيا هئا نه صرف اثاثا پر هن جا  ته ڪرپشن جا اسڪينڊل به سامهون آيا هئا .

ڳالهه هاڻوڪي وزير اعظم ۽ اڳوڻي چيف جسٽس ناصر الملڪ ۽ چوڌري افتخار تي ختم نٿي ٿئي ڳاله هته موجوده بابا رحمتي ۽ موجوده چيف جسٽس جي به آهي ان تي به ڪرپشن جا الزام لڳي چڪا آهن جڏهن اسان جي عدالتي نظامن ۾ ويٺل اهم شخصيتن جو اهڙو حال هجي ته اسان کي پنهنجي ملڪ جي انصاف واري نظام تي روئڻ ٿو اچي ۽ اسان جو عوام اهو سوچي ٿو ته آخرڪار اسان جو ملڪ ڪيئن ۽ ڪڏهن ترقي ڪندو آخرڪار اسان جي ملڪ جي عوام کي انصاف ڪيئن ۽ ڪڏهن ملندو ،

جڏهن اسان جي عوام کي انصاف ڏيندڙ ئي ڪرپشن ۾ ٻڏل هجن اهڙي صوررتحال ۾ عوام احتساب جي يقين کي ڪئين آباد رکي جتي اسان کي انصاف ڏيندڙ ۽ احتساب جون ڳاليهون ڪندڙ ئي احتساب کان آجا هجن جتي انصاف ڏيندڙن لاءِ احتساب خواب بڻيل هجي يقين ڪيو اتي ملڪي ترقي ۽ عوام کي انصاف به خواب ئي لڳندو آهي،

اسان پوري دنيا جي ترقي يافتا  ملڪن جو مثال ڏيون ته انهن ملڪن ۾ سڀ کان پهريان ئي انهن جو احتساب ٿئي ٿو جيڪي اسان جي ملڪ ۾ احتساب کان مٿاهون آهن دنيا جي قانون کان وٺي اسان جي ملڪ جي قانون تائين احتساب ڪرڻ سڀني ادارن تي قومي قرض آهي پر اسان جا اهي ادارا احتساب کان هميشا مٿاهان آهن جن جي احتساب  نه ٿيڻ سبب نه صرف اسان جي ملڪ جي قانون جو ڏيوالو نڪري ٿو پر ڪرپشن کي به وڏي پئماني تي هٿي ملي ٿي .

مان سمجهان ٿو جيڪڏهن نگران وزير اعظم جسٽس ناصر الملڪ جي آيل سامهون اثاثن  جو احتساب ٿئي ۽ هن سميت هر ڪرپٽ مقدس ادارن جي عهدن تي ويٺل يا رٽائر ٿيندڙن جو احتساب ٿئي ته اسان جي ملڪ جي انصاف ۽ احتساب جو مان مٿاهون ٿي سگهي ٿو پر اسان جي ملڪ جي مقدس ادارن ۾ ويٺل شخصيتن جو همشا اهو اصول رهيو آهي ته هنن پاڻ کي سدائين احتساب کان پري رکيو آهي هنن پاڻ کي سدائين احتساب کان مٿاهون سمجهو آهي هنن پاڻ کي همشيا قانون رياست ۽ ادارن کان مٿي سمجهو آهي جنهن سبب اسان جي ملڪ جو انصاف انهي احتساب واري عمل اڌورو نظر پيو اچي ٿو ، ۽ ملڪي ترقي هڪ خواب لڳي ٿي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

هي ”رستا روڪ“ نه پر ”عوامي پڇاڻو“ آهي

محسن خاصخيلي پاڪستان ۾ ٿيندڙ چونڊن ۾ 100 ڪلاڪن کان به گهٽ وقت وڃي بچيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے