21 جمعو , سيپٽمبر 2018

انصاف ۾ دير به ناانصافي آهي…..

اڪرام سهگل

اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چونڊن لاءِ جڏهن 25- جولاءِ جي تاريخ جو اعلان ڪيو ته ان وقت ڳجهارت اها هُئي ته چونڊن لاءِ صرف 60- ڏينهن جي مهلت ڇو ڏني وئي آهي؟، جيڪڏهن هو چاهي ها ته چونڊن لاءِ 90- ڏينهن جي مهلت پڻ ڏئي پئي سگهيو، جڏهن ته هُن ان سلسلي ۾ جون ۽ جولاءِ جي گرميءَ پڻ هڪ ڌڪ سان رد ڪري ڇڏي انهن ڏينهن ۾ چونڊ مهم هلائڻ انتهائي مشڪل هوندو ڇو جو انهن ڏينهن ۾ موسم انتهائي گرم هوندي ۽ انهن ڏينهن ۾ ووٽرن جو گهرن کان نڪرڻ پڻ ناممڪن ٿي پوندو، جڏهن ته ان سڄي ڳجهارت جو ٽيون حصو اهو آهي ته نيب ۾ هلندڙ ڪيسن ۾ نواز شريف جي وڪيل پڻ نواز شريف جي وڪالت ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. هي سمورو عمل هڪ اهڙي قسم جي سياسي چال ٿي لڳي جنهن بعد شريف خاندان خلاف احتساب عدالت ۾ هلندڙ مني لانڊرنگ، ٽيڪس چورين ۽ پرڏيهه ۾ ملڪيتن متعلق ڪيسن جي ڪاررواين ۾ رڪاوٽون پيدا ٿينديون جڏهن ته جعل سازي، غلط بياني، ججن ۽ تفتيش ڪارن کي ڌمڪائڻ جهڙا ڪيس الڳ آهن.

الڪپون پنهنجي خلاف هلندڙ قتل جي ڪيسن دوران وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندو هو ان جو واحد سبب اهو هو ته سندس خلاف ڪوبه شاهدي ڏيڻ لاءِ تيار نه هوندو هو، آخر ڪار حڪومت ان کي ٽيڪس چوريءَ جي الزامن ۾ ٽيڪس چوريءَ جي قانونن تحت سزا ڏيڻ پئي چاهي ته سندس وڪيلن ۽ مشيرن کيس سزا کان بچائڻ لاءِ مختلف بهانا گهڙي عدالتي ڪاررواين ۾ رڪاوٽون پيدا ڪرڻ شروع ڪري ڏنيون. خواجه حارث هڪ معزز وڪيل آهي جنهن نواز شريف جي ڪيس ڇڏڻ لاءِ هيٺ بيان ڪيل سبب پيش ڪيا آهن،

1 ) سپريم ڪورٽ عدالتي ڪارروائيءَ کي اڻ ڄاتل مدي تائين عدالتي ڪارروائيءَ متعلق داخل ڪيل درخواست رد ڪري ڇڏي آهي.

2 ) عدالتي ڪارروائي ڇنڇر ۽ آچر تي جاري رکڻ جا عدالتي حڪم ناقابل عمل آهن ۽ اهو به ان مرحلي تي جڏهن مون کي پنهنجا دليل مڪمل ڪرڻا آهن، بحرحال سپريم ڪورٽ ڇنڇر تي عدالت جي ڪارروائي جاري رکڻ يا نه رکڻ جو اختيار احتساب عدالت تي ڇڏي ڏنو آهي، جنهن جو اصل سبب اهو آهي ته هن ڪيس ۾ درخواست گذار سپريم ڪورٽ پاران ڏنل 10- جولاءِ جي ڊيڊ لائن کان بچڻ ٿا چاهين، ڇو جو اها تاريخ 25- جولاءِ کان ڪجهه ئي ڏينهن اڳ جي آهي.

انهيءَ دوران نواز شريف سپريم ڪورٽ تي پنهنجن تيرن ۽ تفنگن جي اها برسات جاري رکندو جيڪا هُن پنهنجي نااهليءَ بعد شروع ڪري رکي آهي، پاڻ خلاف ڪرپشن جي ٽن ڪيسن جي ٻڌڻين دوران هُن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس خلاف الزام بازي جاري رکندي پاڻ خلاف عدالتي ڪارروائيءَ کي ”ظلم ۽ ناانصافي“  ۽ “ انتهائي افسوسناڪ” قرار ڏنو، جڏهن ته نواز شريف 10- جولاءِ تي پنهنجي پريس ڪانفرنس ڪندي عدالتي احڪامن کي ” چونڊن ۾ ڌانڌلي“  قرار ڏنو ۽ چيو ته عدالتي فيصلن سبب سندس بنيادي حق متاثر ٿي رهيا آهن ۽ عدالتي حڪم بعد هاڻي ڪوبه وڪيل سندس ڪيس وڙهي نه سگهندو ڇو جو عدالت طرفان ان ڪيس جي پيروي ڪرڻ لاءِ عدالت پاران ڪوبه ٽائيم نه پيو ڏنو وڃي جڏهن ته ڇنڇر ۽ آچر تي به عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

نواز شريف اهو به چيو ته هن مرحلي تي سندس لاءِ ٻيو وڪيل ڪرڻ به آسان نه هوندو ۽ هُن ان ڳالهه جي به شڪايت ڪئي هُئي ته، ”هيءَ ڪهڙي صورتحال بڻائي وئي آهي جو هاڻي مون کي پنهنجي ڪيس لاءِ وڪيل کان به محروم ڪيو ويو آهي“ ، نواز شريف جي اهڙي آهه و زاريءَ تي ته فقط تعجب ئي ڪري سگهجي ٿو،  ڇو جو ان جي وڪيل ان مرحلي تي ڪيس مان فارغ ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ۽ چيو آهي ته ڪيس جي سلسلي ۾ سندس عدالت سان ڪوبه تعلق نه هوندو.

پاڪستان ۾ سياست مورثي ڪاروبار وانگر ڪئي ويندي آهي، جتي اعلى ترين قيادت ورثي ۾ ملندي آهي ۽ جتي طاقت حاصل ڪرڻ لاءِ هر قسم جو حربو ۽ ڪريل حرڪت ڪري سگهجي ٿي جڏهن ته اهڙي هر حرڪت جمهوريت لاءِ انتهائي قاتل زهر برابر آهي. ان راند کي کيڏڻ لاءِ هر ڳالهه ۽ عمل روا آهي پوءِ ڀل ڪنهن ماڻهوءَ جي جذبن جي تسڪين لاءِ جمهوريت جي قدرن ۽ قانون کي ئي ڇونه  پائمال ڪيو وڃي، اک جي ميڇ سان قانون ۾ تبديلي ڪئي وڃي، ادارن جي توهين ۽ ذلت ڪرڻ جهڙو هر عمل جائز سمجهيو ويندو آهي، اقتدار حاصل ڪرڻ جي خواهش لاءِ سڀ ڪجهه قربان ڪيو ويندو آهي. پاڪستان جي قيام وقت اسان کي قائد اعظم ۽ لياقت علي خان جهڙا اڳواڻ مليا هئا جن ايماندار، سچائي، خلوص ۽ سچ ڳالهائڻ جهڙيون خاصيتون هوندو هيون، اڄ اهڙا اڳواڻ ڪٿي آهن اڄ ته سياستدان قوم ۽ قومي مفادن کي ڪنهن به ليکي ۾ ئي نٿا آڻين، انهن جو مقصد فقط لُٽ مار ۽ پنهنجيون ٽجوڙيون ڀرڻ آهي. نيب ۾ بدعنواني، ٽيڪس چوري ۽ کربين روپين جي لٽ مار جا ڪيس هندڙ آهن جن ۾ سياستدان، سرڪاري ملازم ۽ ڪاروباري ماڻهو ملوث آهن.

خواجه حارث هڪ لائق ۽ بهترين وڪيل آهي هو نواز شريف جي خاندان خلاف 28- جولاءِ تي نواز شريف جي نااهليءَ واري فيصلي بعد ٽن ڪيس ۾ سندس خاندان جو وڪيل آهي، جڏهن ته هن موقعي تي انهن ڪيس مان هٿ ڪڍڻ ۽ پنهنجي موڪل کان منهن موڙڻ غير پيشيوراڻو عمل آهي جيڪو خواجه حارث جي شان وٽان به نه آهي. خواجه حارث جو ڪيسن مان هٿ ڪڍڻ وارو عمل ڄڻ ڪنهن رٿابنديءَ تحت ٿيو آهي نه  ته ڪوبه وڪيل پنهنجي موڪل ئي انتهائي نازڪ مرحلي تي ڇڏي وڃڻ جو سوچي به نه ٿو سگهي، هن موقعي تي سمورن شاهدن پنهنجا بيان مڪمل ڪيا آهن ۽ هاڻي دليلن مڪمل ڪرڻ جو وقت آهي. موڪل جو حق پنهنجي جاءِ تي پر بطور آفيسر آف جسٽس خواجه حارث انصاف نافذ ڪرڻ واري نظام جو حصو آهي. جيڪڏهن ڪو وڪيل انصاف فراهم ڪرڻ واري عمل ۾ تاخير جو سبب بڻجي ٿو يا ڄاڻي واڻي اهڙي ڪنهن به تدبير جو حصو بڻجي ٿو ته ان جو مقصد اهو ٿيندو ته هو پنهنجي اخلاقي ۽ ملڪي ذميوراين کان منهن موڙي ٿو. قانون ۽ ضابطه ڪهن به وڪيل کي غير شفاف يا ضابطن جي خلاف ڪم ڪرڻ لاءِ زور ڀريندڙ موڪل جو دفاع ڪرڻ کان روڪي ٿو، ان ڏس ۾ حلف کڻڻ بعد غلط بياني پڻ ڏوهه آهي جيڪا ڳالهه دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ ڏوهه مڃي وڃي ٿي. وڪيل لاءِ اهو روا نه آهي ته هو عدالت کي گمراهه ڪرڻ يا فريب ڏيڻ واري ڪنهن به ڪوشش جو حصو بڻجي.

اهو سمور عمل قضا کي ٽارڻ جي ڪوشش جي برابر آهي ته جيئن نواز شريف کي سندن ڏوهن جي سزا چونڊن بعد ٻڌائي سگهجي. نواز شريف ججن تي الزم تراشي جاري رکندي کين ڊڪٽيٽرن جو مددگار قرار ڏيندو رهيو آهي، پر تنهن هوندي به هو پنهنجي ايمانداريءَ ۽ سچائيءَ جون جيڪي به دعوائون ڪرڻ باوجود پاڻ خلاف لڳايل ڪنهن به الزم جو جواب نه پيو ڏئي،

جڏهن ته قومي اسيمبلي ۽ ٻين فورمن تي اڪثر ڪري پنهنجي بيگناهيءَ متعلق دستاويزي ثبوت پيش ڪرڻ لاءِ اڪثر چوندو رهيو آهي پر پيش ڪٿي به ڪري نه سگهيو آهي.نواز شريف جي خاندان جا ٻيا فرد ۽ سندس جماعت جا اڳواڻ سپريم ڪورٽ تي غير شفاف هجڻ، جانبدار هجڻ، انتقام وٺڻ ۽ منافق هجڻ جا الزام هڻندا رهيا آهن. انهيءَ گوڙ ۽ لُڙ ۾ هڪ دفعو وري نواز شريف خلاف بدعنوانيءَ جي الزامن جو سڌو سنئون جواب نه پيو ڏنو وڃي، ڇا اهي سڀئي ماڻهو ڪا قبول ڪرڻ جهڙي وضاحت يا دليل پيش ڪري سگهن ٿا ته سپريم ڪورٽ شريف خانداه کان ڪهڙي ڳالهه جو انتقام وٺي رهي آهي؟، خواجه حارث جي ڪيس جي وڪالت مان هٿ ڪڍڻ ڪيسن جي نتيجن کان فرار حاصل ڪرڻ جي آخري ڪوشش کان سواءِ ڪجهه به نه آهي.

نواز شريف جي حامين جو ضد آهي ته، ” انصاف ۾ جلد بازي ناانصافيءَ جي برابر آهي“  ۽ ان لاءِ به هو دنيا جي ٻن وڏن ماڻهن گولڊ اسٽون ۽ وليم ٻين جي فڪر کان استفادو ڪندي انهن جون ڳالهيون بيان ڪندي چوڻ ٿا، ” جيڪڏهن قانون وٽ بروقت داد رسي نه ٿي ته ان کي ناانصافي تصور ڪيو ويندو“، ڇا  اهڙين اٽڪلن سان وري پاڪستان کي لٽيندڙن کي سزا کان بچائي پاڪستان کي انصاف کان محروم ڪيو ويندو؟. ڪو ماڻهو انتهائي مشڪل سان احترام لائق خواجه حارث ۽ الڪپون جي وڪيل ايڊ ورڊ وچ ۾ ڪا هڪجهڙائي ڳولي سگهندو، لڳي ائين ٿو ته خواجه حارث کي به ان ڳالهه جو اندازو ٿي ويو آهي ته هو پنهنجي ڏوهاري موڪل کي هاڻي سزا کان بچائي نه ٿو سگهي تنهنڪري ئي هو هاڻي ڪيس کان الڳ ٿي ويو آهي. هاڻي فقط رڪارڊ لاءِ هڪڙي ڳالهه چوڻ باقي آهي ته الڪپون جيل ۾ بيمار ٿيڻ بعد آزاد ٿيو ته سندس رهائي کان ڏهه ڏينهن اڳ ايزي ايڊ کي شڪاگو ۾ قتل ڪيو ويو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڊيم جا متبادل

سنڌيڪار: انجنئير موهن ٺاڪر "پيٽرڪ مکولي، جيڪو برطانيا جي  بين الاقوامي درياهن جي هڪ نيٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے