23 آچر , سيپٽمبر 2018

عمران خان جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ تي رٽرننگ آفيسر کي نوٽيس جاري

Imran Khan nominated nomination forms from NA-53اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن جي اليڪشن ٽربيونل قومي اسيمبليءَ جي تڪ اين اي 53 تان عمران خان جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ تي رٽرننگ آفيسر کي نوٽيس جاري ڪندي مڪمل رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اپيليٽ ٽربيونل جسٽس محسن اختر ڪياني قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 53 تان عمران خان جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. ٽربيونل جي روبرو عمران خان جي وڪيل بابر اعواڻ موقف اختيار ڪيو ته عمران خان اين اي 53 تان چونڊ وڙهڻ لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا پر 19 جون تي جاچ پڙتال بعد عمران خان جا نامزدگي ڪاغذ ڪمزور بنيادن تي رد ڪيا ويا. هن چيو ته سندس اصيل نه حقيقتون لڪايون ۽ نه وري غلط بياني ڪئي آهي، جيڪڏهن ڪا غلطي ٿي آهي ته رٽرننگ آفيسر ختم ڪري، درخواست آهي ته رٽرننگ آفيسر جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا وڃن. اپيليٽ ٽربيونل رٽرننگ آفيسر کي نوٽيس جاري ڪندي سڀاڻي تائين مڪمل رڪارڊ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ٻڌڻي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي بابر اعواڻ چيو ته وزيراعظم کي حڪمراني نه پر نگراني ملي آهي، چئني صوبن جي گورنرن کي هٽايو وڃي سندن موجودگي ۾ صاف ۽ شفاف چونڊ ممڪن ناهي. هن چيو ته اسلام آباد ۾ سي ڊي اي چيئرمين ۽ ڊي سي پراڻو لڳل آهي، اين اي 52 ۽ 54 ۾ هن وقت تائين 35 پنڪچرز وارا امپائر آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The Prime Minister will be present on the new constitutional system

وزيراعظم اڄ لاهور پهچندو، نئين بلدياتي نظام تي بريفنگ وٺندو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان اڄ منجهند لاهور پهچندو ۽ نئين مڪاني …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے