25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

هن وقت تائين ڪلثوم نواز جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي: نواز شريف

لنڊن(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف عوام کان سندس گهرواري جي صحت لاءِ دعا جي اپيل ڪندي چيو آهي ته بيگم ڪلثوم نواز جي حالت هن وقت تائين ڳڻتي جوڳي آهي. لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نواز شريف گهرواري جي صحت بابت ٻڌايو ته جڏهن کان لنڊن آيو آهيان بيگم ڪلثوم نواز هوش ۾ ناهي. مون کي هتي اچي خبر پئي ته گهرواري کي دل جو دورو پيو هو سندس حالت ڳڻتي جوڳي ئي آهي. اڳوڻي وزير اعظم چيو ته عوام کان گهرواري جي صحت جي لاءِ دعا ڪرڻ جي اپيل ٿو ڪيان، الله تعاليٰ بيگم ڪلثوم نواز سميت سڄي دنيا جي سمورن بيمارن کي شفا عطا فرمائي ۽ کين صحت مند بڻائي، نواز شريف جو چوڻ هو ته وڌ کان وڌ وقت بيگم ڪلثوم سان گڏ گذارڻ چاهيان ٿو، آئون جڏهن لنڊن پهتس ته حسن نواز فوري طور اسپتال وڃڻ جو چوندي ٻڌايو ته ماءُ کي هارٽ اٽيڪ ٿيو آهي ۽ جڏهن کان هتي آيو آهيان تڏهن کان گهرواري کي هوش ۾ ناهي ڏٺو. هن وڌيڪ چيو ته زندگي ۾ ڏکيائيون اچي ئي وينديون آهن ۽ مون سان ائين ئي ٿي رهيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي ڪري ڇڏي، 25 ڄڻا فوت

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي مچائي ڇڏي جنهن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے