16 سومر , جولاءِ 2018

ڪجهه به ٿئي نواز شريف ۽ ۽ سندس گهر جي زندگي ڏانهن نه وينداسين: علي محمد خان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ محمد علي خان چيو آهي ته افتخار محمد چوڌري جي پٽيشن بدنيتي تي ٻڌل آهي اِها اُها پٽيشن آهي جنهن کي عدالت ڪيترائي ڀيرا کڻي ٻاهر اڇلايو آهي. ن ليگ وارا ڪجهه به ڪن پر اسان نواز شريف ۽ سندس گهر جي زندگي ڏانهن نه وينداسين. ميڊيا سان ڳالهائيندي علي محمد خان چيو ته پهرين پنج سالن ۾ منهنجن اثاثن ۾ واڌ ناهي ٿي پر مون پنهنجن ابن ڏاڏن جي زمين وڪڻي آهي. هن چيو ته 2018ع جي چونڊن تحريڪ انصاف ڪي پي ڪي ۾ پنهنجي ڪارڪردگي ۽ عمران خان نظري تي وڙهندي. ميان نواز شريف کي حق آهي ته ڪا به ڳالهه ڪري. عمران خان 20 سال ملڪ کان ٻاهر ڪرڪيٽ کيڏي ۽ ٻاهران پيسا ڪمائي هتي آندا. عمران خان ملڪ ۾ ڪڏهن به ڪنهن عهدي تا ناهي رهيو ۽ هن وٽ رڳو ايمانداري آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سيڪيورٽي فورسز جون بلوچستان ۾ ڪارروايون، 4 دهشتگرد مارجي ويا، 3 گرفتار

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي علائقي آواران ۽ سبي ۾ سيڪيورٽي فورسز ڪارروايون ڪندي چئن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے