20 خميس , سيپٽمبر 2018

سعودي عرب ۾ غير قانوني رهندڙ ۽ جيلن ۾ قيد پاڪستانين لاءِ اهم اعلان

رياض ( ويب ڊيسڪ) پاڪستاني سفارتخاني   پاڪستانين   لاءِ وڏو قدم کڻندي  اعلان ڪيو آهي ته  ويزا ختم  ٿيڻ کانپوءِ  سعودي عرب ۾ رهائش پذير  يا جيلن ۾ بند  پاڪستاني  پنهنجي ڄاڻ  سفاتخاني کي موڪلين .  پڌرائي موجب  وطن واپسي   جا خواهشمند  ماڻهو نهائي خروج  فارم سفارتخاني ۾ جمع ڪرائن ڇاڪاڻ ته انهن جي  پاڪستان  واپسي لاءِ  قانون موجب  هر ممڪن ڪوشش ڪري سگهجي  ۽ اهو معاملو  سعودي عملدارن سامهون  به اٿاريو ويو آهي .  سفارتخاني  طرفان جاري پڌارئي موجب  خاص پاڪستاني پورهيتن کي ڌيان ڏياريو ويو آهي ۽ ان سان گڏ  اها به وصاحٽ ڪئي وئي آهي ته  ڄاڻ جمع ڪرائڻ خروج نهائي  حاصل ڪرن جي ضمانت ناهي  ان لاءِ قانوني گهرجن  کي نظر ۾ رکي  پاڪستانين جي واپسي  کي يقيني بڻاوي ويندو .رياض ۾ موجود  پاڪستاني ايمبيسي  طرفان هڪ لنڪ به ڏني وئي آهي  جنهن ۾ فارم موجود آهي لاڳاپيل ماڻهو ان کي آن لائن ڪري به جمع ڪرائي سگهي ٿو . ان کانسواءِ  فارم جي ڪاپي  به سفارتخاني  مان هاصل ڪري سگهجي ٿي . ياد رهي ته سعودي عرب جي مختلف شهرن ۾  پاڪستانين  جو وڏو انگ  مزدوري  سبب موجود آهي . جڏهن ته  انهن ۾ سوين پرڏيهي به آهن جيڪي ويزا جو مدو ختم ٿيڻ سبب لڪي يا وري جلين ۾ قيد زندگي بسر ڪري رهيا آهن .ياد رهي ته  وفاقي گهرو وزير  خواجه آصف  ٻن مهينا اڳ  فيبروري  جي مهيني  ۾ مختلف ملڪن  جي جيلن ۾ قيد پاڪستانين جا تفصيل  سينيٽ  ۾ پيش ڪئي هئي.  جنهن موجب  پرڏيهي ملڪ  ۾ گرفتار يا نظربند  پاڪستانين  جو انگ 10  هزار 715 آهي . جڏهن ته  پاڪستانين جو وڏو انگ  3 هزار 87 سعودي عرب  جي جيلن ۾ موجود آهن . يو اي اي ۾ 2 هزار 710 پاڪستاني  شهري قيد آهن . بنگلاديش ۾ 40، ملائيشيا ۾ 226  پاڪستاني نظربند آهن . يورپ، امريڪا ، برڀانيه  ۾ به پاڪستاني  شهري جيلن ۾ موجود آهن . هي آهي اها لنڪ جنهن  ۾ فارم آن لائين به ڀري سگهجي ٿو .

https://docs.google.com/forms/d/e/1FAIpQLSfSWGX1z4SPXyDbGRRUTGUyta-

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي عرب کي سي پيڪ ۾ شموليت جي دعوت ڏني آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته پاڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے