16 سومر , جولاءِ 2018

جنگبندي بعد طالبان جي حملن ۾ 30 افغان سيڪيورٽي اهلڪار مارجي ويا

ڪابل(ويب ڊيسڪ) افغانستان ۾ طالبان طرفان جنگبندي جي پڄاڻي کان پوءِ تازن حملن ۾ 30 افغان سيڪيورٽي اهلڪار مارجي ويا. فرانسيسي خابرو اداري اي ايف پي جي رپورٽ موجب عسڪريت پسندن صوبي بادغيس ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻن فوجي اڏن تي حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ڄڻا زخمي ٿيا. صوبي جي گورنر عبدالغفور ملڪزئي موجب اڌ کان وڌيڪ فوتگيون پهرين کان تاڙ ۾ ويٺل سيڪيورٽي فروسز جي گاڏي تي حملي ۽ روڊ جي ڪناري تي حملي ۾ ٿيون. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ٻيا فوجي ۽ پوليس اهلڪار فوجي اڏن تي حملن دوران مارجي ويا. صحافين ڏانهن موڪليل واٽس ايپ پيغام ۾ طالبان حملي جي ذميواري قبولي ورتي. صوبائي ڪونسل چيف عبدالعزيز بيڪ مارجڻ جي تصديق ڪدني چيو ته طالبان جنگ بندي دوران پنهنجي مخبرن جي ذريعي فوجي اڏن جي حوالي سان ڄاڻ گڏ ڪئي ۽ حملي جي تياري ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سيڪيورٽي فورسز جون بلوچستان ۾ ڪارروايون، 4 دهشتگرد مارجي ويا، 3 گرفتار

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي علائقي آواران ۽ سبي ۾ سيڪيورٽي فورسز ڪارروايون ڪندي چئن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے