19 اربع , سيپٽمبر 2018

آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو جو مشتاق يوسفي جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ناليواري ليکڪ مشتاق يوسفي جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مشتاق يوسفي جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن جيڪي هميشه ياد رکيون وينديون. تفصيل موجب ناليواري ليکڪ مشتاق احمد يوسفي جي لاڏاڻي تي بلاول ڀٽو زرداري مرحوم مشتاق يوسفي جي وارثن سان همدردي جو اظهار ۽ تعزيت ڪندي چيو ته مشتاق يوسفي اردو ادب جي دنيا جو نه اجهامندڙ ستارو هو، اردو ادب جي لاءِ مشتاق يوسفي جون خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون. هن چيو ته سندس لاڏاڻي سان اردو ادب کي وڏو نقصان رسيو آهي. ٻئي پاسي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري به مشتاق يوسفي جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته مشتاق احمد يوسفي جي لاڏاڻي سان ادب جو وڏ باب بند ٿي ويو. هن پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ سوڳوار خاندان سان همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ دعا ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

محرم الحرام: مرڪزي جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ ايم اي جناح روڊ سيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) محرم الحرام دوران جلوسن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ ايم اي جناح …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے