21 جمعو , سيپٽمبر 2018

ايف سي بلوچستان سرحد پار ڪندڙ 2 افغان سپاهين کي افغان اختيارين جي حوالي ڪري ڇڏيو

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آءِ ايس پي آر چيو آهي ته ايف سي بلوچستان سرحد پار ڪندڙ ٻه افغان سپاهين کي افغان اختيارين جي حوالي ڪري ڇڏيو. پاڪ فوج جي اداري آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سرحد پار ڪندڙ ٻن افغان سپاهين کي گرفتار ڪيو ويو هو پر اڄ ايف سي بلوچستان کين انساني همدردي جي تحت واپس موڪلي ڇڏيو آهي. افغان اختيارين جي حوالي ڪيل سپاهين ۾ حيات الله ۽ لطيف شامل آهن جن کي چمن تان افغان اختيارين جي حوالي ڪيو ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آمريڪا پاران پاڪ ڀارت پرڏيهي وزيرن جي ملاقات جي آجيا

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪا پاڪ ڀارت پرڏيهي وزيرن جي ملاقات جي آجيان ڪئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے