21 جمعو , سيپٽمبر 2018

12 مئي واري سانحي جي نئين سر جاچ لاءِ ٻه رڪني عدالتي بينچ جوڙي وئي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) 12 مئي سانحي جي نئين سر جاچ جي لاءِ سنڌ هاءِڪورٽ ٻه رڪني بينچ جوڙي ڇڏي آهي. سپريم ڪورٽ جي حڪم تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس  احمد علي شيخ 12 مئي ڪيس جي ٻڌڻي جي لاءِ جسٽس اقبال ڪلهوڙو ۽ جسٽس ڪي ڪي آغا تي ٻڌل خاص ٻه رڪني بينچ جوڙي ڇڏي آهي. هاءِ ڪورٽ ۾ 12 مئي واري سانحي جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي ته عدالتي مددگارن جي عدم حاضري تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. پوليس تفصيل پيش ڪندي ٻڌايو ته ڪراچي جي مختلف ٿاڻن ۾ 12 مئي ڪيس جون 54 ايف آءِ آر داخل ٿيون. عدالت پوليس رپورٽ کي رد ڪندي 22 جون تي سي سي پي او ڪراچي ۽ اي آءِ جي ليگل کان تفصيل طلب ڪري ورتي. بينچ چيو ته ٻڌايو وڃي ته ٽرائل ڪورٽس ۾ 12 مئي جي ڪيس جي ڪهڙي پوزيشن آهي. 12 مئي واري سانحي جي خلاف داخل درخواست ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف، ايم ڪيو ايم جي باني، اڳوڻي گهرو صلاحڪار ۽ ڪراچي جي ميئر وسيم اختر کي به ڌر بڻايو ويو آهي. درخواستگذار اقبال ڪاظمي چيو ته 12 مئي 2007ع تي پرويز مشرف جي حڪم تي اڳوڻي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جو رستو روڪڻ جي لاءِ ايم ڪيو ايم ڪراچي ۾ قتل عام ۽ دهشتگردي ڪئي جنهن ۾ 50 کان وڌيڪ ڄڻا مارجي ويا ۽ ان ڪري سانحي جي نئين سر جاچ ڪرائي وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عرب، ڏکڻ ايشيا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عاشوري جو ڏينهن مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عرب ۽ ڏکڻ ايشيائي ملڪن سميت يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے