21 جمعو , سيپٽمبر 2018

زلفي بخاري جو نالو بليڪ لسٽ مان ڪڍڻ لاءِ عمران خان فون ناهي ڪيو: نگران گهرو وزير

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) نگران گهرو وزير اعظم خان جو چوڻ آهي ته زلفي بخاري جو نالو بليڪ لسٽ مان ڪڍڻ جي لاءِ مون کي ڪا به فون ناهي آئي ۽ نه ئي عمران خان رابطو ٿيو. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نگران گهرو وزير اعظم خان جو چوڻ هو ته زلفي خان جو نالو بليڪ لسٽ مان ڪڍڻ جي لاءِ مون کي ڪنهن فون ناهي ڪيو ۽ ان حوالي سان عمران خان يا زلفي بخاري سان منهنجو ڪو به رابطو ناهي ٿيو. هن چيو ته زلفي بخاري طرفان گهرو سيڪريٽري کي انڊرٽيڪنگ موڪلي وئي جنهن ۾ عمري جي ادائيگي جي لاءِ هڪ مهيني جي اجازت گهري وئي هئي، گهرو سيڪريٽري مون کي هڪ مهيني جي درخواست ڏني پر مون 6 ڏينهن جي اجازت ڏني. نگران گهرو وزير چيو ته زلفي بخاري جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ واري درخواست نيب ڪئي جڏهن ته گهرو زارت پاسپورٽ ايڪٽ جي تحت زلفي بخاري جو نالو بليڪ لسٽ ۾ وڌو، ڪنهن جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ طويل مرحلو آهي ۽ ڪابينا کان منظوري وٺڻي پوندي آهي. هن چيو ته ميڊيا ۾ ڪيتريون ئي رپورٽون غلط آيون، وزير اعظم پڇيو ميڊيا ۾ ڇا پيو هلي مون کي به ٻڌايو ان ڪري وزير اعظم کي معاملي تي اپ ڊيٽ ڪري ڇڏيو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے