18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نيوز: ڀرياسٽي : پاڻي چوري خلاف آبادگارن جوڪوڏريون کڻي احتجاج

Bharya city: Residents protest against water stolen protest*  ڀريا سٽي ۾ پاڻي جي چوري خلاف آبادگارن سڪل ڪمند ۽ ڪوڏريون کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

سانگي شاخ جي آبادگارن وڏي انگ ۾ گڏ ٿي امتياز چانڊيو ، علي چانڊيو، مجيد ، محمد عرس چنو جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو،

ان موقعي تي آبادگارن جو چوڻ هو ته سانگي ۽ دينگو شاخ تي ڪوبه ايريگيشن جو قانون نظر نه پيو اچي، منڊ جا آبادگار ڏاڍ تي پنهنجا واٽر ڪورس ٽوڙي غير قانوني جهٽا هلائي رهيا آهن،

هنن ٻڌايو ته  بار بار ايريگيشن عملي کي واٽر ڪورسن ۽ غير قانوني جهٽن جي لاءِ ٻڌايو آهي ۽  اهڙيون درخواستون پڻ ڪيون آهن پر مهل تائين ڪوبه تدارڪ نه ٿيو آهي .

 هنن چيو ته پڇڙي جي واٽر 2 ايل ٽيل، ۽ 4 آر مسلسل عتاب جو شڪار آهن ۽ هزارين ايڪڙ زمين غير آباد  ٿي وئي آهي،

آبادگارن  نگران وڏي وزير،  سيڪريٽري ايريگيشن  کان مطالبو ڪيو ته پڇڙي ۾ پاڻي  پهچائي فاقا ڪشي کان بچايو وڃي ……

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | ڪالاباغ ڊيم خلاف سنڌ واسي احتجاج ڪن ٿا ته کين ملڪ دشمن سڏيو وڃي ٿو: ناصر شاهه

سنڌ جي ورڪس اينڊ سروس کاتي جي صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے