20 خميس , سيپٽمبر 2018

لاهور هاءِ ڪورٽ جو اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جو حڪم

لاهور(ويب ڊيسڪ) هاءِ ڪورٽ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ختم ڪري ورڇ وارين ڪمپنين کي بجلي جي بندش جي تفصيل ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس شاهد ڪريم ايڊووڪيٽ اظهر صديق جي درخواست تي بجلي جي طويل ۽ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جي خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري آهي جنهن جي ڪري صارف سخت پريشان کي منهن ڏئي رهيا آهن. درخواستگذار اپيل ڪئي ته عدالت اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جو حڪم ڏئي. بجلي جي ورڇ وارين ڪمپنين ليسڪو، فيسڪو ۽ گيپڪو عدالت ۾ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو شيڊول پيش ڪري ڇڏيو. ليسڪو جي وڪيل عدالت جي روبرو چيو ته بجلي جي طلب ۽ رسد ۾ فرق تي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي. هاءِ ڪورٽ ڊسٽري بيوشن ڪمپنين جي بجلي جي بندش جي تفصيل ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ڪرڻ جو حڪم ڏيندي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ فوري طور ختم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اهو تاثر درست ناهي ته ججن دٻاءَ ۾ فيصلو ٻڌايو: اعتزاز احسن

لاهور (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي سينيئر قانونداد اعتزاز احسن چيو آهي اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے